ليکڪ ميرحسن رند
سالن کان وٺي ڪري سنڌ جي نااهل ۽ ڪرپٽ ايريگيشن عملدارن پوري سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري لکئين آبادگارن کي پاڻي جي لپ لئه تڙپائي ڇڏيو آهي اسين جڏهن پرنٽ؛ اليڪٽرانڪ؛ ۽ شوشل ميڊيا تي سراسري نظر وجهون ٿا ته ڪيترن ئي شهرن جي چونڪن؛ چوراهن؛ ۽ توڙي آبپاشي آفيسن جي اڳيان احتجاجي ڌرڻا؛ مظاهرا؛ ريليون ۽ بُک هڙتالون روز جي بنياد تي ٿي رهيون آهن پر آبادگارن جي ايڏين سارين رڙين دانهن ڪوڪن ۽ پڪارن تي سنڌ سرڪار جا والي وارث ۽ ٻيا ادارا ڪنهن به طرح سان عملي طور تي ڪوبه وقت سر ڌيان نٿا ڏين پوء مڃجي ته اها به حقيقت آهي جو پوري سنڌ جو آبپاشي نظام ناڪاره ۽ سڌو سنئون آبادگار دشمن بنيل آهي افسوس سان چوڻو ۽ اهو به ٻڌڻو پئي ٿو ته جتي جتي جن جن شهرن علائقن ۾ پاڻي جي شديد ڪلت اڻاٺ کوٽ آهي ان کوٽ جا اصل ۽ وڏا زميوار اڪثر ڪري انهن علائقن جا چونڊيل عيوضي قرار ڏنا وڃن ٿا جيڪي خيرن سان وڏا زميندار به هوندا آهن ستم ظريفي جي واضح اها به ڳالھه آهي ته پاڻي چورائيندڙن ۾ سياسي ڌرين جو هٿ به رهيو آهي سنڌ سميت ان جي مختلف تعلقن ضلعن جهڙوڪ بدين؛ ٽنڊو محمد خان؛ ٺٽو ٽنڊو غلام حيدر؛ بلڙي شاه ڪريم؛ گولاڙچي؛ کورواه؛ ڪڙيو گهنور؛ جا رهواسي جيڪا ڪٺن ڏکن ڀري زندگي گهاري رهيا آهن ان جي پويان فطرت جو هٿ آهي يا طاقتور ڌرين؛ فردن ۽ وقت جي حڪمرانن ۽ سندن انتظاميا جي مجرماڻي غفلت يا حرڪت آهي يا وري ظلمتن جي گهاڻي ۾ پيسجندڙن جو پنهنجو قصور يا وري بي حسي واري ڪيفيت ڪار فرما آهي جيتوڻيڪ پاڻي قدرتي نعمت آھي.

زنده رهڻ لاء پاڻي جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي. پاڻي اسان جي بنيادي ضروت آهي. هر هڪ ڄاڻي ٿو ته جڏهن انسان جهنگ جي حياتي کان بيزار ٿيو ته هن پاڻي جي تلاش ڪئي پوء جتي به پاڻي جا آثار نظر ٿي آيا اتي هن بسيرو شروع ڪيو. ڇو ته زنده رهڻ لاء پاڻي جو هجڻ تمام ضروري آهي. پاڻي آهي ته حياتي آهي پوء ڀلي اهي انسان هجي حيوان, يا جيت جڻو اهي سڀئي پاڻي جي ڪري ئي ته زنده رهن ٿا. جيتوڻيڪ,هر هڪ ڄاڻي ٿو ته سنڌ هڪ زرعي خطو آهي. جيڪو صدين کان وٺي پاڻي جي وسيلي ئي سرسبز ۽ آباد رهندو پيو اچي. هتان جي ماڻهن جي 80 سيڪڙو رهڻي ڪهڻي زراعت تي ئي مشتمل آهي. سرء يا سانوڻي جا فصل فقط پاڻي تي ئي دارومدار رکن ٿا. جيترو پاڻي وڌيڪ هوندو اوترو ئي زراعت کي هٿي ملندي. ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي اڻاٺ آهي. سارين جي ٻيجاري جي مند مٿان آهي مگر هن وقت تائين پاڻي جي لپ به شاخن ۾ ناهي شاخن جي پيٽ ۾ واري ئي واري اڏرندي نظر اچي رهي آهي. اهڙي درد ڀري صورت حال هارين آبادگارن جو هانء ڏاري وڌو آهي. ڇاڪاڻ جو هتان ماروئڙن, هارين, نارين جو مک دارومدار واحد پوک ڪرڻ ئي آهي. پوک ٿيندي ته هاري جي گهر ۾ چار داڻا ايندا هو ڪجه گذر سفر ڪري سگهندا سک جا چار سج هو سکيو ٽڪر کائيندا. پاڻي جي اڻاٺ سبب فصل نه ٿي سگهندا, فصل نه ٿيڻ ڪري وڏو معاشي نقصان ٿيندو.
جيتوڻيڪ هي ڳاله ڳجهي ناهي ته سنڌوء درياء جي معنئ خيز حيثيت رهي آهي. تاريخ جي ورڪن ۾ اها ڳاله واضح طور تحرير ٿيل آهي ته هن درياء تي ويد لکيا ويا, هن دادلي درياء جي پوڄا ڪئي وئي, هن درياء جي جل ۾ شنان ڪري گناهن جي معافي ورتي وئي, هن ئي درياء کي ڪيترن ئي لقبن جهڙوڪ شينهن درياء دادلو درياء ۽ ديوتا جي لقبن سان ڪوٺيو ويو. سنڌو درياء ئي سنڌي قوم جي جياپي جو واحد وسيلو آهي. سنڌو جي وهڪرن ۾ سنڌي قوم جي جياپي جا آثار نظر ايندا آهن. هن سنڌو جي آب سان ئي سڪل زمين جو پيٽ سائو نظر ايندو آهي. اسان لاء سنڌ جو پاڻي آب ڪوثر جيان آهي. سنڌو درياء تي هٿرادو ڌاڙي لڳائڻ جي تاريخ پراڻي آهي. جنهن جو ڪو ئي به ازالو ناهي ٿيو. هر مند ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي اڻاٺ رهي ٿي. پاڻي جي صحيح طرح سان ونڊ ورڇ نه ٿيڻ ڪري سنڌ هميشه سوڪهڙي کي منهن ڏنو آهي. هتي ڀلي سرء هجي يا سانوڻي هتي هميشه کوٽ رهي ٿي. مٿان وري جيڪو پاڻ اچي ٿو پيو ته سنڌ اندر وري هڪ نئين سر ڌاڙو لڳي ٿو, هتان جا وڏا وڏا آبادگار ۽ زميندار ملي ڀڳت ڪري رهيل پاڻي کپائي خود پاڻي جي چوري ۾ ملوث لڳاپيا آهن. هڪ طرف پنجاب پاڻي تي ڌاڙو هڻي گهٽ مقدار ۾ پاڻي موڪلي ٿو. ٻئي طرف هتان جا ڏاڍا مڙس ڏاڍ سان قبضو ڪري هر سال سنڌ کي سوڪهڙي جي منهن ۾ ڏين ٿا.نتيجتن سنڌ جا پڇڙ وارا علائقا خشڪ سالي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. هڪ نوٽ ڪرڻ جي هي ڳاله پڻ آهي ته هتان جا چونڊيل نمائيندا سرڪار ۽ آبپاشي وارن جي مهرباني سان غريب آبادگارن ۽ هارين جو بچيل پاڻي پنهنجي هٿرادو ٺهرايل سم نالين ۽ واٽرن ۾ وهائي هزارين ايڪڙ پنهنجي زمين سائي ڪندا رهن ٿا. ايڏي وڏي ظلم تي ڪير به اڳتي نٿو اچي. سڀئي وڏا وڏا زميندار پاڻ ۾ ناجائز چوري جا تعلقات رکي سر سبز سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۾ رڌل آهن.
هن وقت سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻي جي لاء ٻاڪاري رهيو آهي. سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان پاڻي جي کوٽ خلاف آواز بلند ٿي رهيا آهن. سنڌ هن وقت پياسي آهي. سنڌ جي سيني ۾ وڏي اساٽ آهي. ڪير نه ٿو ڄاڻي ته سنڌ ته سرسبز شادو وه آباد هئي. سنڌ ته جنت جو روپ هئي. سنڌ ته برقتن ڀري زمين هئي. سنڌ ته سهڻي من مهڻي هئي. سنڌو ندي جو اهڙو ارهه آهي جو جنهن مان کير جون ڪيتريون ئي ڌرئون وهي هلن ٿيون. سنڌ جي هن پاڪ پوتر ڇاتين کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي اصل چهري کي اڳ ۾ ئي ڪوجهو بڻايو ويو آهي. سنڌ کي ان جو حساب ڪتاب ڏيڻ بجاء ڏاڍ مڙسي سان ڌاڙو جاري ساري آهي. سنڌ پياسي آهي سنڌ کي پاڻي جي ضروت آهي. سنڌ جي اڃ اجهائي وڃي. سنڌ پاڻي پاڻي پڪاري رهي آهي جنهن لاء سڀئي گڏجي هڪ آواز بڻجي ان کي سڏ ۾ سڏ ڏيو ته جئين پاڻي جي وڌندڙ اڻاٺ ۽ ان تي غير قانوني ڌاڙا ناجائز چوريون وارا بنديون بند ٿي سگهن ۽ پوڇڙ جي مسڪين آبادگارن کي به پنهنجي حصي جو وقت سر پورو پاڻي ملي سگهي!










