طفیل مگسي
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنجاب جي هڪ ذميوار وزيراعلي مريم نواز جهڙي ريت نسلي تعصب تي مشتمل بيان ڏنو آهي۔ان ريت جو بيان ديڻ ڪنهن وزيراعلي کي نٿو سونهي۔چاڪاڻ ته ان قسم جو بيان بنگلايش جي سانحي جي ياد کي تازو ڪري چڏيو آهي۔مريم نواز جيڪو پاڻي جي باري ۾ بيان ڏنو آهي اهو صرف بيان ناهي بلڪ هن سنڌ جي صدين پراڻن حقن تي سڌو سنئون حملو ڪيو آهي ۽ سنڌ جي عوام جي توهين به ڪئي آهي۔مريم نواز اهڙو ته ٻاراڻو بيان ڏنو آهي ڄن ته صرف پنجاب ئي ملڪ هجي باقي صوبا هن جون ڪالونيون هجن۔مريم نواز کي ان قسم جو بيان تڏهن ڏيڻ کپي ها جڏهن ان کي ڪنهن جي ڄاڻ هئڻ گهرجي۔
مريم نواز کي شايد اهو پتو ناهي ته جيڪو هن بيان ڏنو آهي ته بلڪل فلمي اداڪار سلطان راهي جي ڊائلانگن جي عڪاسي ڪري ٿو۔۔ چوته مريم نواز جي انهيء اوچتي بيان تي ائين لڳي ٿو ته هن کي سنڌ جي تاريخ جو ڪو شعور ناهي۔نه هن کي وفاقي مامرن جي ڄاڻ آهي ۽ نه ئي صوبائي حقن جي اهميت جي ڪا تميز آهي يا وري سايو ڪري پنجاب هن کان اهڙا بيان ڏيارائي پيو۔
چوته ان کي اها خبر ناهي ته دريا سنڌ ڪڏهن به محض پنجاب جو ناهي رهيو بلڪ اهو سموري پاڪستان جي زندگي جي رڳ آهي ۽ 1991ءجي پاڻي واري ورهاست جي معاهدي جي مطابق سنڌ جو حصو چٽي ريت طئي ٿيل آهي۔مگر پنهنجي طاقت تي سدائين سنڌ جي پاڻي تي ناجائز قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي الهڙ پنجاب جي وزيراعلي بنا ڪنهن سوچ ويچار جي نه صرف پنهنجي بلڪ پنجاب جي استحصالي روايت کي زنده ڪندي سنڌ جي پاڻي تي سرعام حملا ڪري رهي آهي۔
سنڌ جيڪا اڳ ئي سخت پاڻي جي کوٽ۔زراعت جي تباهي۔چهري سامونڊي پاڻي جي درندگي جو شڪار آهي۔اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پنجاب زبردستي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو ته ان جو مطلب ڄاڻي واڻي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي ڪوشش سمجهيو ويندو۔مريم نواز کي هي ڳالھ به پنهنجي ڀيڄي ۾ اها ڳالھ به ويهارڻ کپي ته مسئلو صرف پاڻي جو ناهي بلڪ سنڌ جي وجود ۽ سلامتي جو مسئلو آهي۔مريم نواز کي سمجهي چڏڻ گهرجي ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پاڻي کي قربان نٿو ڪري سگهي۔
سنڌ جو پاڻي سنڌ جو بنيادي حق آهي ۽ اهو سنڌين جون زندگيون قائم رکڻ وارو مامرو آهي۔
مريم نواز جهڙا ٻاراڻا بيان وفاق کي ڪمزور ڪن ٿا ۽ صوبن جي وچ ۾ نفرت کي هواء ڏيئي ٿي۔جيڪڏهن پنجاب جا حڪمران اهڙي ريت قبضا جاري رکندا ته چا سنڌ جا ماڻهو چوڙيون پائي ڪري ويهندا۔نه بلڪل نه بلڪ مان ته ايترو به چوندس ته پنجاب پنهنجي انهيء غنڊه گردي واري هوڏ تي قائم رهيو ته سنڌ جا ماڻهو به سرن سان ڪفن ٻڌي چڪا آهن۔
وزيراعلي مريم نواز اهو ڪڏهن به نه سوچجو ته سنڌ جو پاڻي ڪا پنجاب جي جاگير ناهي!سوىسنڌ جو ماڻهو ڪنهن به ريت پنهنجو پاڻي صورت پنجاب جي قبضي ۾ نه ڏيندو!
پاڻي ڪنهن ملڪ يا صوبيڏجي ذاتي ملڪيت ناهي۔بين الاقوامي قانونن۔معاهدي ۽ پاني جي ورهاست جا اصول چٽا آهن۔نو به صوبو اهو نٿو چئي سگهي ته”منهنجو پاڻي۔منهنجيون نديون۔منهنجيڏمرضي“۽ بنا مشاورت جي فيصلا نٿو ڪري سگهي۔هر صوبي جا برابر حق آهن ۔ گڏيل وسيلن تي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔جيڪڏهن ڪو انهن اصولن جو احترام ڪرڻ نٿو ڄاڻي ته ماڻهو پنهنجن حقن جو تحفظ ڪرڻ چڱيء ريت ڄاڻين ٿا۔ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف جدوجهد جي ياد اڃا به تازي آهي۔ماڻهو چڱي ڄاڻي چڪا آهن ته ايس آئي ايف سي جي تحت ڪاپوريٽ زراعت ۔نون ڪينالن جا منصوبا ۽ معدني وسيلا جا معاهدا اصل ۾ ڪنهن جي مفاد ۾ آهن ۽ ان جو پنجاب يا سنڌ جي عوام سان ڪو تعلق ناهي۔ورهاستي ۽ نفرت انگير سياست ڪڏهن ڪنهن کي احتساب کان نٿي بچائي سگهي ۽ نه ئي اهڙا هٿڪنڊا ڪنهن جي سياسي ساک ۾ واڌارو ڪندا۔عوامي اعتماد ۽ سياسي مقبوليت حاصل ڪرڻ جا بهتر طريقا تلاش ڪريو۔پاڻي عوام جو بنيادي حق ۽ بقا جو مسئلو آهي:ان اسن پيپلز ڪارٽي جو ڪو تعلق نٿو پوي ته ڪنهن سان گڏ اتحاد ۾ آهي يا نه۔جيڪڏهن مريم نواز جي سوچ اهائي آهي ته پوء اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته:
”منهنجو پاڻي۔منهنجيون نهرون۔منهنجي مرضي“
ته پوء مريم نواز کي هي لفظ ذهن نشين ڪرڻا پوندا ته:
منهنجو پيٽرول۔منهنجي مرضي
منهنجو سمنڊ۔منهنجي مرضي
هنجي گيس۔منهنجي مرضي
منهنجو ڪوئلو۔منهنجي مرضي
منهنجو بندگاه۔منهنجي مرضي
منهنجي معدنيات۔منهنجي مرضي
منهنجا هائي ويز۔منهنجي مرضي!










