حيدرآباد: (ن س) سنڌ آبادگار بورڊ پاڻي جي قدرتي لنگھن ۽ ٻيلن تي ٿيل قبضن کي تباھي جو ھڪ وڏو ڪارڻ قرار ڏيندي اھي قبضا ختم ڪرائي پاڻي جا قدرتي لنگھہ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ اھو پڻ چٽو ڪري ڇڏيو آھي تہ اھي قبضا ختم ڪرائڻ ناممڪن سمجھڻ موسمياتي خطري جي ٽائيم بم تي ويهڻ برابر آهي. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ محمد ملوڪ نظاماڻي، سيد سلمان علي شاھ، عمران بوزدار، طاھا ميمڻ، ارباب احسن، عبدالحفيظ نظاماڻي، قاضي عديل، عبدالجليل نظاماڻي، مصطفيٰ نواز شاھ، شاھنواز برماڻي، مراد علي شاھ بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻھراڙين جي معيشت تي مينھن ۽ ٻوڏ جي اثرن جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ ۾ مينھن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل وڏي تباھي تي ڳڻتي پڻ ظاھر ڪئي وئي.سنڌ آبادگار بورڊ آبپاشي جي حڪمت عملي کي موسمياتي تبديلي جي نين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ٻيهر ترتيب ڏيڻ ضروري قرار ڏيندي چيو آھي تہ آبپاشي کاتي کي گهڻي برسات ۽ اوچتي ٻوڏ کي وڌيڪ سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻو پاڻي سنڌ مان ئي گذري ٿو، تنهن ڪري آبپاشي جي پراڻي انفراسٽرڪچر جو جائزو وٺڻ انتهائي اهم آهي. 2024 ۾ سکر بيراج جو هڪ دروازو درياهہ جي معمول کان گهٽ وهڪري ۾ لڙھي وڃڻ جي مثال کي سامھون رکندي بيراج ۽ ٻي آبپاشي نيٽ ورڪ کي تبديل يا ان جي بھتر مرمت ڪرڻ سان گڏ جيڪڏهن ممڪن ٿئي تہ انهن جي گنجائش کي وڌائي نئين سر ٺاھيو وڃي.سنڌ آبادگار بورڊ چيو تہ پنجاب ۾ اهو محسوس ڪيو پيو وڃي تہ پاڻي جا قدرتي لنگھہ خالي ڪرائڻ ضروري آهي. پر سنڌ وٽ پاڻي جا ڪيترائي لنگھہ موجود آهن، جيڪي آبپاشي مقصدن کان علاوہ ٻوڏ واري اضافي پاڻي کي سمنڊ ڏانھن نيڪال ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪندا هئا پر اهي پاڻي جا قدرتي لنگھہ ھن وقت گهڻو ڪري هاءِ ويز ٺھڻ، زرعي زمينن طور استعمال ٿيڻ، انھن ۾ ڳوٺ آباد ٿيڻ ۽ ٻي والار ٿيڻ جي ڪري بند ٿيل آهن. ايتري تائين جو درياھہ جي پيٽ ۾ بہ ھائوسنگ اسڪيمون قائم ڪيون ويون آھن، جيڪي وڏي تباھي جو ڪارڻ آھن، جنھن کي ھر حالت ۾ روڪڻ ضروري آھي. جيڪو ھڪ ڏکيو ڪم پڻ آھي.سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو تہ پھرئين قدم طور تي هاءِ ويز جي ھيٺان پاڻي گذارڻ لاءِ رستا بحال ڪيا وڃن، جيڪي ھاءِ ويز ٺاھڻ وقت بي ڌياني سبب بند ٿيل آھن. ان کان علاوہ پاڻي جي قدرتي لنگھن تي قائم ڪيل فارم ھائوس ۽ ٻين قبضن کي ختم ڪرايو وڃي ۽ اھڙن ھنڌن تي موجود انساني آبادي کي اتان منتقل ڪرڻ ضروري آھي جيڪو ھڪ ڏکيو ڪم پڻ آھي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو تہ موجوده صورتحال کي سمجهڻ لاءِ وھڪ وڏو سروي ڪرائڻ ضروري آهي جيڪو ٽيڪنالاجي ۽ ريموٽ سينسنگ جو استعمال ڪري سولائي سان ڪري سگهجي ٿو. اھڙي سروي کان پوءِ ان جي روشني ۾ حڪومت هڪ عمل جوڳو منصوبو ٺاهي سگهي ٿي. هي منصوبو موسمياتي خطري کي گهٽائڻ ۽ انهن نقصانن کي گهٽائڻ جي قابل هئڻ گهرجي جن کي اسين هن وقت منهن ڏئي رهيا آهيون. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو تہ ڪچي ۾ موجود ٻيلا جيڪي دريا ۾ چاڙھہ واري پاڻي کي گذارڻ جو ڪم ڪندا ھئا اھي پڻ قبضن جي ور چڙھي ويا آھن جنھن جي نتيجي ۾ هڪ طرف ٻيلن جي وڏي پيماني تي واڍي ٿي تہ ٻي پاسي ٻوڏن سبب وڌي نقصان کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو تہ موجوده سوچ جنهن ۾ پاڻيءَ جا قدرتي لنگھہ خالي ڪرائڻ ناممڪن قرار ڏنو پيو وڃي سا حقيقت ۾ موسمياتي خطري جي ٽائيم بم تي ويهڻ برابر آهي. سنڌ آبادگار بورڊ پنهنجي سفارش ۾ چيو آھي تہ رڳو قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيڻ جو ڪارڊ ڏيکاري عالمي امداد حاصل ڪرڻ سان سدائين ڪم نہ ھلندو پر انھن قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ حڪومت عملي قدم بہ کڻي. صوبائي ۽ وفاقي حڪومت گڏجي هن چئلينج کي منهن ڏين. ان لاءِ وسيلن جي ورڇ ڪرڻي پوندي ۽ موجوده ترقياتي حڪمتِ عملي کي موسمياتي خطري جي دائري ۾ آڻڻو پوندو، تڏهن ئي حڪومت جا قدم عالمي برادريءَ جي ڌيان ۾ ايندا ۽ بين الاقوامي وسيلن تائين پھچ ممڪن ٿيندي.










