اسلام آباد: (بيورو) اتر وزيرستان ۽ لکي مروت ۾ پوليو جا 2 وڌيڪ ڪيس سامهون اچي ويا آهن. اتر وزيرستان ۾ هڪ ۽ لکي مروت ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.صحت واري قومي اداري موجب پوليو وائرس سبب معذور ٿيندڙ ٻارن ۾ لکي مروت مان 16 سالا ڇوڪري ۽ اتر وزيرستان مان ٻن سالن جو ٻار شامل آهي.پاڪستان نيشنل پوليو ليبارٽري صحت واري قومي اداري ٻنهي ٻارن ۾ وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان نيشنل پوليو ليبارٽري موجب لکي مروت سان تعلق رکندڙ 16 سالا ڇوڪري جو کاٻو پير متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته اتر وزيرستان مان رپورٽ ٿيندڙ ٻار جسماني طور تي مڪمل متاثر ٿي ويو هو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو.صحت واري قومي اداري جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو ڪيسز جو انگ 17 ٿي ويو آهي. ان ڪيسز ۾ 15 متاثر ٻارن جو تعلق اتر وزيرستان سان آهي جڏهن ته 2 ڪيس لکي مروت مان رپورٽ ٿيا آهن.










