انجنيئر اياز خليل چنجڻي
ملڪ ۾ ڪنھن به پارٽي اڳواڻ جي اھا ڪا پھرئين گرفتاري ڪون ھئي جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر اھو ڪجھ ڪيو ويو جيڪو ڪجھ ملڪ جا ازلي دشمن قيامِ پاڪستان کان وٺي ھزار ڪوششن باوجود به ڪون ڪري سگھيا ؟. ڪجھ سال پوئتي جي سياسي تاريخ ڏسجي ته خبر پوندي ته نيازي جي حڪومت ۾ مختلف سياسي اڳواڻن ۽ پارٽي سربراهن کي ڪھڙي ريت سڌو سنئون سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو پوءِ به ڪنھن بہ سياسي اڳواڻ نيازي جيان مڪمل تشدد واري سياست ڪون ڪئي . جڏھن ھن کان حڪومت ڪون ھلي ۽ ھڪ وسيع سياسي اتحاد قائم ڪري آئين موجب ھڪ بي اعتمادي رٿ وسيلي نيازي جي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪيو ويو ته ھمراھ ھٿن مان پئي ويو . پوءِ ھن اھا سياست شروع ڪئي جيڪا ھر لحاظ کان قابل نفرت ۽ ھڪ فاشسٽ اصولن تحت ھئي . نيازي جي ان سياست ملڪ جي سياسي تاريخ کي ڪارو داغ لڳائي ڇڏيو آھي جيڪو داغ ڪڏھن به ڪنھن سٺي صرف يا صابڻ سان به ڪون ڌوپجي سگھندو ؟! . رڳو پنھنجي گرفتاري ٿيڻ جي ڪري ھن عقل کان عاري ماڻھو ملڪ ۾ پنھنجي حمايتين کي ملڪ خلاف رڻ ٻارڻ جي لاءِ اتساهيو پر کيس خبر ھوندي تہ پاڪستان پيپلز پارٽي کي آمريت جي دور کان وٺي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آھي سندس سوين ڪارڪن شھيد ڪيا ويا ، ڪارڪنن کي سرعام ڪوڙا ھنيا ويا . آصف علي زرداري کي يارنھن سال بيگناھ جيل م بند ڪيو ويو ان تي تشدد ڪيو ويو پر ڪڏھن به ان پارٽي عدم تشدد جي راھ اختيار ڪون ڪئي جھڙي ريت ھن نيازي تشدد پسند سياست جي راھ ورتي آھي . ان کان اڳ ھن پنھنجي غليظ سوچ تحت رياست جي اھم ادارن خلاف منظم طريقي سان ٽيمون ٺاھي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي رياست مخالف نظريو رکيو ۽ ان جي وڏي پيماني تي تشھير ڪئي جنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي . ملڪ دشمن ڪردارن کي ان مھم ھلائڻ تي راضي ڪيو ويو جن ايترو ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ڪئي جو خود ملڪ جا ازلي دشمن ۽ ڀارتي ميڊيا حيران رھجي وئي .
نيازي کي جڏھن بہ قانون موجب گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان عوامي حمايت کي پنھنجي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪندي ماڻھن کي ڀڙڪائي ھر دفعي تشدد جو رستو وٺي پئي پاڻ کي بچايو آھي .
ھڪ سياسي پارٽي نيازي جي آھي جنھن ھر دفعي تشدد جو رستو وٺي ملڪ جي اھم ادارن تي حملا ڪرايا ، جناح ھائوس کان وٺي اعلا آفيسرن جي گھرن تي حملا ڪرايا، موٽر وي ساڙيا ،قومي ملڪيتن کي تباھ ڪرايو ،سرڪاري گھرن کي باھيون ڏنيون ويون.
ٻئي پاسي ھڪ سياسي پارٽي آھي جنھن جي عدم تشدد جي فلسفي جو مثال ڏنو پيو وڃي.
اھا پارٽي آھي ملڪ جي وفاق جي علامت پاڪستان پيپلز پارٽي . ملڪ جي ان عظيم پارٽي جي سربراھن ۽ ڪارڪنن سان ڪيڏا ظلم ڪيا ويا ڪيڏا ستم ڪيا ويا اھا تاريخ ڪنھن کان لڪيل ڪونھي .مگر انھن پنھنجي ورڪرن کي ڪڏھن به تشدد جو رستو وٺڻ جي لاءِ ڪون ڀڙڪايو . ان پارٽي جي عظيم اڳواڻن جن جي دنيا ۾ وڏي ھاڪ ھئي انھن خلاف سياسي انتقام جي انتھا ڪئي وئي آخرڪار ان جي عظيم اڳواڻن کي شھيد به ڪيو ويو مگر عوام ۽ دنيا ۾ وڏي مقبوليت ھوندي به انھن ڪڏھن به ملڪ ۾ اھڙي باھ ڪون ٻارائي جھڙي ريت عمران نيازي رڳو پنھنجي گرفتاري تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيو . موجودھ حالتن ۾ ھڪ مثال ڏنو ٿو وڃي ته جڏھن محترمه بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو ته ان وقت جي خوفناڪ صورتحال ۾ جيڪڏھن مردحر ۽ مفاھمت جو بادشاھ سڏرائيندڙ آصف علي زرداري اگر عوام کي تشدد جي لاءِ ڀڙڪائي ھا ته ملڪ جي ڪھڙي حالت ٿئي ھا.! مگر ٻرندڙ باھ ۾ عوام جي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي ڏسندي به آصف علي زرداري ھڪ عظيم نعرو « پاڪستان کپي » ھڻي ڄڻ ملڪ ۾ ٻرندڙ باھ کي وسائي ڇڏيو ۽ اھو پيغام ڏنو ته پاڪستان ئي سڀ ڪجھ آھي ان قسم جي عدم تشدد جي سياست جو مثال ھاڻ بہ دنيا جي تاريخ ۾ ڏنو ويندو آھي .مگر افسوس جو مقام آھي جو نيازي ان عدم تشدد جي تاريخ مان سکڻ بجاءِ ھر دفعي پنھنجي ڪرندڙ ڪردار جھڙي ناڪاري سياست ڪئي آھي . جنھن صرف ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان کان سواءِ ڪجھ ڪون ڏنو آھي . ھن پنھنجي سياسي دور ۾ چند سال اقتدار ۾ رھي بہ ملڪ کي ايترو فائدو ڪون ڏنو آھي جيترو ھن تشدد جي سياست ڪري ملڪ کي نقصان ۽ بحران مٿان بحران ڏنو آھي ؟! ھڪ ڳالھ ضرور ڪبي ته گڏھ کي تاج پارائي بادشاھ ڪرڻ سان گڏھ پنھنجو گڏھپڻو ڪون ڇڏيندو آھي .نيازي به پنھنجو اھڙو ئي ڪردار ظاھر ڪيو آھي .عمران خان جو ڪرڪيٽ ۾ ته استاد ھوندو . مگر ھن کي سياست ۾ آصف علي زرداري کي پنھنجو استاد تسليم ڪرڻ کپي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عدم تشدد جي سياست مان سکڻ به گھرجي ۽ پنھنجي پارٽي اندر اصلاح ڪري ان مان تشدد وارن عنصرن کي ختم ڪرڻ گھرجي . باقي ھيءٓ شخص جيڪا ھاڻ سياست ڪري پيو اھا ھن کي تباھي ۽ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھ ڪون ڏيندي .
ان سموري صورتحال ۾ دفاعي ادارن جي صبر ۽ دورانديش سوچ به قابل تعريف آھي جن وڏي مونجھاري ۽ تڪليف ڏيندڙ حالتن ۾ بہ ڪو سخت ردعمل ڪون ڏنو جنھن سان ملڪ دشمنن جا آنڊا ڪون ٺريا ؟ جن سوچيو پئي ته حالتون ڪنٽرول کان ٻاھر ٿي وينديون .










