پاڪستان جي معاشي سرحدن تي ترقيءَ جو علمبردار، اومني گروپ

پاڪستان جي معاشي سرحدن تي ترقيءَ جو علمبردار، اومني گروپ

افتخار
گروپ جو انضمام کنڊ، چانور، گاڏين جي صنعت، بجلي،ڊسٽلري، ھوابازي، پوليمر ۽ گيس جي شعبن تي ٻڌل آھي،اومني گروپ 1999ع ۾ ھڪ ويزنري انٽرپرائز طور قائم ڪيو ويو، بعد ۾ ھي گروپ ملڪ جي مشھور صنعتي گروپن مان ھڪ بڻجي ويو، جنھن جو ھيڊ آفيس ڪراچي، سنڌ ۾ آھي. گروپ چيئرمين خواجھ انور مجيد جي سربراھي ۾، ھي خانگي گروپ صنعتن جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو آھي، جنھن ۾ چانور، کنڊ، سيمنٽ ايٿنول، پولي پروپيلين ٿيلھيون (ٻاچڪا)، بجلي، گاڏيون ٺاھڻ ۽ ھوابازي شامل آھن.
ترقي ۽ گوناگوني جو سفر
اومني پرائيوٽ لميٽڊ طور پنھنجي شروع کان ئي، اومني گروپ وسعت حاصل ڪندي، پاڪستان جي صنعتي ميدان ۾ اسٽريٽجڪ طور تي ترقي جون منزلون طئي ڪيون آھن. گروپ جو انضمام کنڊ، چانورن، گاڏين جي سامان، بجلي، ڊسٽلري، ھوابازي، پوليمر ۽ گيس جھڙن شعبن تي ٻڌل آھي. گذريل ورھين دوران، ھن گروپ پيڪيجنگ، پرنٽنگ، گاڏين جي سامان ۽ توانائي واري شعبي ۾ گوناگوني پيدا ڪئي آھي، جنھن سان ھن گروپ جي پوزيشن ھڪ گھڻ صنعتي گروپ جي طور تي وڌيڪ مستحڪم ٿي آھي.
صنعتون ۽ ڪمپنيون
اومني گروپ جو دائرو کنڊ، چانور، گاڏين ۽ اُنھن جي سامان، بجلي، ڊسٽلري، ايوي ايشن، پوليمر ۽ گيسز سميت اھم صنعتن کان مختلف شعبن تائين پکڙيل آھي.انصاري شگرملز، باواني شگرملز، اومني پاور، دادو انرجي، ٽي سي بي ايوي ايشن ۽ ڪيترين ئي ٻين ڪمپنين جي ھڪ متاثر ڪندڙ پورٽ فوليو تي ھن گروپ کي ناز آھي.
قدر ۽ مشن؛ وڌ کان وڌ اثر
اومني گروپ جي مشن جي مرڪز ۾ ماڻھن جي حياتين ۾ وڌ کان وڌ ويليو ايڊيشن ۽ قومي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم شامل آھي. ھي عزم منافعي بخش رٿائن، شين جي اثرائتي ترقي ، جديد ٽيڪنالوجي ۾ سيڙپڪاري ۽ تحقيق ۽ ترقي لاءِ لگن ذريعي حاصل ٿيندو آھي، ھي گروپ ھڪ ھمٿائيندڙ، اعتماد جوڳي ۽ ڪم جي صحتمند ماحول کي برقرار رکڻ تي زور ڀري ٿو.
اومني گروپ جو اھم صنعتن ۾ ڪردار
کنڊ
سنڌ ۾ 8 شگرملز سان، اومني گروپ پاڪستان جي کنڊ واري صنعت جو ھڪ تمام وڏو رانديگر آھي، جنھن جي ڪرشنگ جي مجموعي صلاحيت 1100 ٽي سي ڊي آھي. 2001 کانپوءِ گروپ جي توسيع، بشمول نئوديرو شگرملز جھڙي حاصلات، سان ھي گروپ صوبي ۾ سڀني کان وڏي شگرملز آپريٽنگ گروپ جي حيثيت رکي ٿو.
چانور
شڪارپور رائيس ملز، اومني گروپ جو ھڪ حصو ۽ چانورن جي شعبي ۾ ھڪ اھم کلاڙي آھي، اومني گروپ لميٽڊ، صلاحيت جي لحاظ کان سڀني کان وڏي رائيس مل، وڌ کان وڌ ذخيرو ڪرڻ لاءِ گھم ۽ گرمي پد تي ضابطي آڻڻ وارن گودامن سان جديد ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪندي آھي.
انٿول
پاڪ اينٿول، جيڪا 2010 ۾ قائم ٿي، پاڪستان جي وڌي ايٿنول پيدا ڪرڻ واري ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ وارن مان ھڪ آھي، پاڪ ايٿنول جي ملڪيت واري ڊسٽلريز جي جديد ڊزائين ۽ 70000 ايم ٽي جي سالياني پيداواري صلاحيت جي لاءِ ڄاتو ويندو آھي.
پولي پروپيلين بيگ (ٻاچڪا):
اومني پوليمر پيڪيجنگ، 2005 کان ڪم ڪري رھي آھي، مختلف صنعتن جي لاءِ ٻاچڪا تيار ڪندي آھي، ڪمپني مواد ۽ عمل جي معائني ۽ حتمي ڪوالٽي ڪنٽرول ذريعي ڪوالٽي ڪنٽرول تي ڌيان ڏيندي آھي.
ٽريڪٽر
2005 ۾ گاڏين واري شعبي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اومني گروپ زرعي ٽريڪٽر، مني ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪلون تيار ڪندي آھي، پاڪستان ۾ ٽريڪٽر مارڪيٽ مستحڪم طور تي قائم آھي ۽ اومپني گروپ اعليٰ معيار ۽ ٽريڪٽر جي صحيح پرزن جي فراھمي کي يقيني بڻائيندو آھي.
سيمنٽ:
ٺٽا سيمنٽ ڪمپني، اومني گروپ جي ذيلي ڪمپني، 1980 کان سيمنٽ جي صنعت ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي ھي پلانٽ جيڪو 1982ع ۾ شروع ٿيو، 1000 ٽن روزانو جي صلاحيت سان ڊراءِ پروسيس ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪندي آھي.
بجلي
اومني گروپ جو پاور ڊويزن پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن کي تيار ڪرڻ ۽ ھلائڻ ۾ سرگرم عمل آھي، ھي ڪمپني،نئين ڪيپٽِوَ پاور پلانٽ پاليسي موجب، صنعتي گراھڪن کي سندن مرضي موجب توانائي جو حل فراھم ڪرڻ تي فوڪس ڪندي آھي.
قدرتي گيسون
اين جي ايل، 1976ع ۾ قائم ڪيو ويو، اقتصادي ۽ ماحول دوست گيس جا آپشن فراھم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي. ڪمپني معيار ۽ خدمتن جي لاءِ بين الاقوامي معيارن تي عمل ڪري رھي آھي، صنعتي، تجارتي ۽ صحت جي سار سنڀال جي شعبن ۾ نمايان حصو وجھي رھي آھي.
اومني جي ڪاميابي ۾ رھنمائي ڪندڙ ٽي رخي ليڊرشپ
خواجھ انور مجيد، خواجھ عبدالغني مجيد، خواجھ نمر مجيد ھڪ متحرڪ قيادت واري ٽيم تشڪيل ڏين ٿا، پنھنجي وسيع تجربي سان، ھُو اومني گروپ کي ترقي ۽ ڪاميابي ڏانھن وٺي وڃن ٿا، اسٽريٽجڪ ويزن، صنعت جي مھارت ۽ بھترين ڪارڪردگي جي عزم کي يقيني بڻائن ٿا.
انسان دوستي: ھڪ بھتر معاشري جي لاءِ خال جو خاتمو
اومني گروپ انسان دوست قدمن ذريعي پنھنجي اثرن کي ڪاروباري ڪاروھنوار کان اڳتي وڌائي ٿو، ٻوڏ متاثر ڪيمپن کان وٺي لاڳاپيل پلانٽس ۾ ملازمن جي تعليم جي سھڪار تائين ضروري خدمتون مھيا ڪرڻ ۽ مفت طبي ڪيمپن لڳائڻ تائين ھي گروپ ڪميونٽيز جي فلاح ۽ بھبود کي بھتر بڻائڻ لاءِ وقف آھي. اومني گروپ آپ ڪمپنيز پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت جي مفت امداد ڏئي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري کي پورو ڪري ٿو. 2022 جي آخر ۾ چئن ڏينھن واري ھڪ فري ميڊيڪل ڪيمپ ضلعي گھوٽڪي ۽ سنڌ جي ٻين ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيمپون لڳايون تھ جيئن موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل ماڻھن کي طبي امداد ڏئي سگھجي. گروپ طرفان غريب طبقي کي معياري ۽ بروقت سار سنڀال فراھم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ باقاعدگي سان مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون وينديون آھن. اومپني گروپ آف ڪمپنيز پاڪستان جو ھڪ ٻيو ذڪر جوڳو ڪارنامو سنڌ جي غريب علائقن ۾ صنعتون ۽ ٻيان ذيلي ڪاروبار شروع ڪري 15 ھزار کان وڌيڪ مستحق ۽ اھل ماڻھن کي روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ آھي. نوڪرين جي موقعن جي ذريعي اومني گروپ آف پاڪستان، سنڌ جي غريب ترين علائقن جي معاشي ترقي ۽ بحالي جي لاءِ ساراھھ جوڳيون ڪوششون ڪيون آھن. ھي ڪوششون سنڌ صوبي ۾ حالات زندگي ۽ معيار زندگي کي بھتر بڻائڻ لاءِ جاري آھن.
ڪيريئر ۽ ترقي ۾ شراڪت
اومني گروپ نھ رڳو پاڪستان ۾ معاشي ترقي کي اڳتي وڌائي ٿو پر ڪيريئر جي ترقي ۾ بھ فعال ڪردار ادا ڪري ٿو. نوڪرين جي تخليق، تربيت ۽ ترقي جي پروگرام، مھارت ۾ اضافي ۽ انٽرنشپ پروگرام جھڙن مختلف قدمن ذريعي اومني گروپ ترقي ۽ روزگار جي موقعن کي ھٿي ڏئي ٿو.
سرٽيفڪيٽ: معيار کي برقرار رکڻ
اومني گروپ او اي آءِ ايل، اِي ڊي بي ۽ ڪوالٽي اشوئرنس سرٽيفڪيٽس، او پي پي پي ايل لاءِ آءِ ايس او 9001-2008 ۽ پاڪ اينٿول لاءِ آءِ ايس او 2000-2005 جھڙن سَندَن ذريعي معيار کي يقيني بڻائي ٿو.
اومني گروپ جي لازوال ميراث
اومني گروپ جو ھڪ ويزنري انٽرپرائز کان گونان گون صنعتي پاور ھائوس تائين جو سفر اُن جي لچڪ، موافقت ۽ عمدگي لاءِ عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ھڪ متحرڪ ليڊرشپ جي ٽيم، قنعتن جي وسيع پورٽ فوليو ۽ سماجي اثرن تي ڌيان سان اومني گروپ پاڪستان جي صنعتي منظرنامي جي تشڪيل ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو