تحرير طفيل مگسي
اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جو بدقسمتي سان انصاف جو معيار ايترو ته اتم آھي ته هتي غريب بک بدحالي کان ٻڪري يا گهر جي چوري ڪري ته ويچاري کي قانون اهڙي ته سزا ٻڌائيندو جو هو پوڙھو ٿي جيل جي ڪوٺڙي کان ٻاھر نڪرندو.جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ امير ڪيترو به ڏوهي.چور.ڦورو يا ڪرپٽ ھجي .اهو چند لک مچڪلن جمع ڪرائڻ کان پوء آ زاد هوندو آھي.ان جو مثال ڪافي وقت اڳ جڏھن گينگ وار جو مشھور ڏوهاري عزيز بلوچ جنهن کي پڻ وڏين طاقتن پنهنجي استعمال جي لاء ڏوھاري دنيا جو بي تاج بادشاھ بڻائي ڇڏيو هو بار بار پنهنجي اعترافي بيانن ۾ اها نشاندهي ڪندو رهيو آھي ته مون اڳوڻي صدر آصف زرداري جي چوڻ تي قتل به ڪيا ته شگر ملين تي قبضا پڻ ڪيا.مگر دنيا ڏٺو ته آصف زرداري کي قانون هر ڪيس منجهان ائين آزاد ڪندو ويو ڄڻ ته هو ويچارو بي ڏوهي هجي ۽ کيس کي ڄاڻي واڻي ڦاسايو ويو هجي نه صرف اهو بلڪ مني لانڊرنگ ڪيس به مٿس ثابت ٿيا.مگر ان جي به رزلٽ پاس ٿي وئي ۽ ھن وڏيون مارڪون کڻي آزادي حاصل ڪئي.اهڙي ريت نواز شريف تي هڪ ٻئي پٺيان ڪيس کلندا ويا .مگر اسان جي ملڪ جي مسيحا ڊاڪٽرن کيس کي جعلي رپوٽون ٺاهي ڏنيون ۽ ھو عوامي ملڪيت واپس ڪرڻ جي بنا آرام سان ٻاھر هليو ويو.رانا ثناء الله پنهنجي ملازم جي اڪائونٽ ۾ پسئا گهرائيندي ۽ موڪليندي پڪڙيو ويو.پر قانون صاحب ان جو به ڪجه نه ڪيو.نه صرف اهو بلڪ ايم ڪيو ايم تي زنده فيڪٽري مزدورن کي باه ڏئي ساڙڻڻ جو واقعو پيش آيو.مگر اڄ تائين قانون انهن جو ڪجه به بگاڙي نه سگهيو.زنده وڪيلن کي ساڙيو ويو.12مارچ تي بيگناه ماڻھن جو بيدردي سان روڊن تي رت وهايو ويو.مگرانهن جو به قانون وٽ ڪو اختيار ناهي.شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي.محترما بي نظير ڀٽو کي ڏينهن ڏھاڙي قتل ڪيو ويو.پر انهن جا قاتل اڄ به محفوظ ۽ زنده سلامت آھن ۽ ملڪي سياست جا مزي وٺي رهيا آھن.مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي بنا ڪنهن ڏوھ جي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو.پر قانون وٽ ان جو به ڪو انصاف نه هو.نه صرف اهو بلڪ اهڙا ڪيترائي وڏا نالا آھن.جن ۾ شھباز شريف.حمزه شريف .سعد رفيع.خواجا آصف.مريم نواز .ملڪ رياض.خورشيد شاھ.بلاول ڀٽو زرداري.مولانا فضل الرحمان وغيره پڻ ڪرپشن ۾ ملوث آھن.مگر انهن تي قانون بادشاھ ڪجه به ثابت نه ڪري سگهيو.پيٽرول اسيڪنڊل ۾ به ساڳيو حال آھي.وري ملڪ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا به سرعام گهمندي نظر اچن ٿا.کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث پڻ سرعام ويٺو آھي.پر قانون نابين ٿي چڪو آھي.جڏھن ته هڪ قصو ته هڪ گهر جو مالڪ جيڪو پنهنجي ڪرائيدار کان پنهنجو گهر خالي ڪرڻ جو چئي ٿو ته اوچتو ڪرائيدار عدالت کان اسٽي آرڊر وٺي اچي ٿو.پوء ويه سال ڪيس هلي ٿو.اهڙي ريت گهر جو مالڪ قانون جا چڪر ڪٽي ڪٽي نيٺ پنهنجي گهر تان ئي هٿ کڻي وڃي ٿو.رائو انوار جيڪو ڪيترن ئي بيگناه انسانن جو انڪائونٽر ڪري ٿو ۽ پوء به ضمانت تي آزاد ٿيئي ٿو.جڏھن ته ٻئي پاسي ڪجه بيگناه قتل جي ڪيس ۾ پڪڙيا وڃن ٿا.جن کي جانچ آفيسر کان وٺي ڪري ڊي پي او تائين بيگناه سڏين ٿا.مگر کين کي ڇڏين نٿا.انهن ۾ فرق شايد ايترو آھي ته هڪ پاسي طاقت آھي ۽ ٻئي پاسي عام انسان .اهڙي انصاف جي معيار ۾ جيڪڏھن اسان چئون ته اسان جو معاشرو هڪ صاف سٿرو ۽ بهترين بٻڻبو.حقيقت جو مذاق اڏائڻ جي برابر آھي.اها حقيقت عالم آشڪار آھي ته جيستائين انصاف جو معيار پنهنجو درست رستو اختيار نٿو ڪريان وقت تائين ڪوب ملڪ يا معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي.اهڙي قسم جي ٻٽي انصاف واري معيار ۾ امير امير ترين ۽ غريب غريب ترين ٿي سگهي ٿو.پر جي ائين نٿو ڪيو وڃي ته هن ملڪ جون حالتون ڪڏھن به تبديل نه ٿي سگهنديون بلڪ هي ملڪ ۽ ھن ملڪ جو اڪثريتي عوام ذلت ورسوائي واري زندگي گذارڻ تي سدائين جي لاء مجبور بڻجي ڪري رهجي ويندو.










