لاهور(شوبزنيوز)مشهور ٽڪ ٽاڪر ڊولي اسلام آباد جي جبلن ۾ باهه لڳڻ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته ڊولي ۽ سندس ٽيم خلاف جنگل ۾ باهه لڳائڻ ۽ ٽڪا ٺاهڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي متن موجب جنهن هنڌ باهه لڳي اها نيشنل پارڪ جي علائقي ۾ آهي. ڊولي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي هڪ نئين وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ باهه لڳڻ کان انڪار ڪيو آهي. وڊيو ۾ ڊولي جو چوڻ آهي ته ”جتي هوءَ بيٺي آهي اهو نيشنل پارڪ ڪوهسار نه پر موٽر وي آهي، سندس اچڻ کان اڳ ئي هتي باهه لڳي وئي هئي“.










