اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ٻئي معاشي جائزي جي ڳالهين ۾، معاشي ٽيم ٽيڪس آمدني ۽ مالي ڪارڪردگي بابت ڊيٽا شيئر ڪئي.ايف بي آر ذريعن موجب، آءِ ايم ايف گذريل مالي سال ۾ 12,970 ارب رپين جي ٽيڪس هدف جي حاصلات ۾ ناڪامي تي تحفظات جو اظهار ڪيو. هدف کي پورو نه ڪرڻ جي سببن ۾ افراط زر ۾ نمايان گهٽتائي، سست معاشي سرگرميون ۽ عدالتي ڪيس شامل هئا.ايف بي آر عملدارن بريفنگ ۾ چيو ته 250 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جا ٽيڪس ڪيس التوا ۾ آهن، ايف بي آر 12.9 ٽريلين رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 11.74 ٽريلين رپيا گڏ ڪيا.ذريعن موجب، عملدارن چيو ته 10.5 سيڪڙو جي ٽيڪس کان جي ڊي پي تناسب جو هدف حاصل نه ٿي سگهيو. گذريل سال، اسٽيٽ بينڪ جي منافعي ۽ پيٽروليم ليوي جي ڪري نان ٽيڪس آمدني ۾ نمايان اضافو ٿيو.بريفنگ ۾ چيو ويو ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سست روي جي ڪري، نون ٽيڪس قدمن مان گهٽ آمدني گڏ ڪئي وئي، ۽ ٽيڪس ڪيسن تي فيصلن ۾ دير جي ڪري 3.1 ٽريلين رپين جو ٽه ماهي هدف پڻ خطري ۾ آهي.ايف بي آر ذريعن موجب، هلندڙ مالي سال ۾ هاڻي تائين هدف کان گهٽ ٽيڪس وصولي جو مکيه سبب ٻوڏ آهي. ٽه ماهي هدف کي پورو ڪرڻ لاءِ، روزانو 140 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻا پوندا. انڪم ٽيڪس فائلرز جو تعداد گذريل سال 7 ملين کان وڌي 7.7 ملين ٿي ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي عملدارن چيو ته حڪومت 24 سالن ۾ 2.4 ٽريلين رپين جو سڀ کان وڌيڪ پرائمري سرپلس حاصل ڪيو، مالي خسارو جي ڊي پي جي 5.4 سيڪڙو تائين محدود هو ۽ هدف کان بهتر رهيو.ايف بي آر ذريعن چيو ته سرپلس بجيٽ بابت صوبن جو واعدو پورو نه ٿي سگهيو، هدف کان 280 ارب رپيا گهٽ گڏ ڪيا ويا. ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي اين ايف سي جي بحالي ۽ هاڻي تائين ٿيل پيش رفت بابت پڻ آگاهه ڪيو. نئين اين ايف سي بابت صوبن سان صلاح مشوري ۾ جلد اجلاس سڏائڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.










