نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري) ضلعي انتظاميه شهيد بينظيرآباد پاران تعليم کاتي جي سهڪار سان ايڇ ايم خواجا هاءِ اسڪول نوابشاھه ۾ ٽن ڏينهن واري سالياني گلن جي نمائش،سائنس،آرٽ ۽ ڪتابي ميلي جو ٽيون ۽ آخري ڏينهن فيمليز لاءِ مخصوص هجڻ ڪري ضلع جي مختلف علائقن جي ماڻهن پنهنجي فيمليز سان گڏ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري مختلف قسم جي گلن ،ثقافتي شين،محترمه شهيد بينظيرڀٽو جي مجسمي سان گڏ ٻين ڪردارن،اسڪول جي شاگردن پاران لڳايل سائنسي اسٽالن،پاڪ نيوي ۽ ائيرفورس جي معلوماتي سينٽرن،ڪتابي ميلي ۾سنڌادبي بورڊ سميت ٻين ادارن پاران لڳايل ڪتابي اسٽالن ۾ خصوصي دلچسپي ورتي.

گلن جي نمائش جي اختتامي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر تعليم راضي خان جمالي ، چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالله ڏاھري پاران گلن جي نمائش، ثقافتي، آرٽ، ڊرائينگ ۽سائنسي اسٽال،ٽيبلوز سرڪاري ۽ غيرسرڪار اسڪولن ۾ پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ادارن ۽ اسڪولن کي ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون گلن جي نمائش ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون،ڊائريڪٽر اطلاعات شفيق حسين ميمڻ،ڊپٽي ڊائريڪٽرغلام عباس ڳوراهو، اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاھه طارق علي سولنگي،عبدالله ڀٽي،نظيران ساند،عبدالفتاح کوسو،غلام مجتبى ملاح،اشفاق احمد پنهور سميت ٻين آفيسرن کي اعزازي شيلڊون ڏنيون ويون تقريب ۾ راضي خان جمالي،غلام علي برهماڻي،فقير ميانداد سيلاني،محمد قاسم کوکر ۽ اڪرم الدين خاصخيلي کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جڏهن ته ڊي سي آفيس جي عبدالحميد پيرزادو، اطلاعات کاتي جي اعجازعلي تيوڻو سميت شعبان چنه،محمد دانش ۽ ٻين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا گلن جي نمائش کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ ورتل ڪوششن ۽ ڪامياب بنائڻ تي تعليم کاتي پاران ايڊيشنل ڊائريڪٽر راضي خان جمالي ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر کي سوينئير پيش ڪيو

جڏهن ته گلن جي نمائش کي ڪامياب بنائڻ ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ تي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد محسن علي شاھه،وي سي پي يو ايم سي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ،وي سي ڪوئيسٽ پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون، ايس ايس پي تنويرحسين تنيو،پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري سميت ٻين کي پڻ اعزازي شيلڊون ڏنيون ويون ان موقعي تي منعقد ٿيل محفل موسيقي ۾ صوفي فنڪارن رضوان ۽ ڪامران صوفي ڪلام پيش ڪيا جڏهن ته سنڌ جي مشهور فنڪار شمن علي ميرالي گانا ڳائي ڀرپور داد حاصل ڪيو.ان موقعي تي شاندار آتشبازي جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو.










