وفا ولي محمد ڦل
ڪيترن سالن کان سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي جو منصوبو جيڪو عوام لاءِ آسائش، تيز سفر، واپار ۽ علائقائي ترقي جو واعدو ڪيل هو، جنهن جي ٺهڻ سان سکر ۔ شهيد بينظير آباد ۽ حيدر آباد ڊويزنن جي عوام کي بهتر سفري سهوليت ميسر ٿئي هان پرافسوس،سان لکڻو ٿو پوي ته اهو منصوبو اڃان تائين رولڙي جو شڪار بڻجي چڪو آهي. اهو منصوبو اڃان ٺهيو ئي ناهي، پر عوام جا اربين روپيا ڪرپشن، بدانتظامي ۽ سياسي مفادن سبب اڳ ۾ ئي ضايع ٿي ويا آهن. وزير، اڳوڻا ڊي سيز نوشهروفيروز ۽ مٽياري به شامل آهن ۽ ڪجهه بااثر شخصيتن ۽ آفيسرن جي هٿن ۾ عوام جا وسيلن ورهائجي ويا ۽ ڪم جي شروعات کان اڳ ئي اربين روپيا غائب ٿي ويا، جڏهن ته عوام اڃان وعدن ۽ خالي فائيلن تي ڀروسو ڪري رهي آهي. سنڌ جا ماڻهو ڏسندا رهن ٿا ته هڪ اهڙو قومي منصوبو جيڪو عوام جي زندگي آسان ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو ويو هو، صرف سياسي ۽ مالي مفادن جو شڪار بڻجي ويو آهي. اربين روپيا جيڪي عوام جي سهولت لاءِ مختص ڪيا ويا، اهي ٺيڪيدارن، وزيرن ۽ آفيسرن جي ذاتي مفادن ۾ ضايع ٿي ويا. عوام کي اڃان سفر ۾ خطرا محسوس ٿين ٿا ۽ رستو موجود ناهي. اهو نه رڳو سنڌ جي ترقي تي اثر انداز ٿئي ٿو، پر عوام جي اعتماد تي به وڏو ڌچڪو پهچائي ٿو. افسوس، صد افسوس! منصوبي جي شروعات کان اڳ ئي ڪرپشن ۽ بدانتظامي هن قومي خواب کي ٽوڙي ڇڏيو. عوام جا پئسا صرف فائلن ۾ نظر اچن ٿا، پر زمين تي ڪو به ڪم شروع ناهي ٿيو. وزير، ڊي سيز ۽ لاڳاپيل آفيسرن جي بي ضابطي ۽ مفادپرستي سبب اهو منصوبو عوام لاءِ رڳو خواب بڻجي ويو آهي. رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته اربين روپين جو وڏو حصو منصوبي جي شروعات کان اڳ ئي غير شفاف طريقن سان ورهائجي چڪو آهي. ٺيڪيدارن جا بل، ايڊوانس ادائيگيون ۽ ڊزائن فائيلون رڳو ظاهر ٿي رهيون آهن، پر زمين تي ڪو به ڪم شروع نه ٿيو آهي. اهڙي صورتحال عوام ۾ مايوسي پيدا ڪري ٿي ۽ ماڻهن جو اعتماد حڪومت ۽ ادارن تي ٽٽي رهيو آهي. اهو وقت آهي ته عوام جا آواز ٻڌيا وڃن، ڪرپشن جي مرتڪبن خلاف سخت قانوني قدم کنيا وڃن، ۽ منصوبي کي حقيقت ۾ عوام لاءِ ڪارآمد بڻايو وڃي سکر–حيدرآباد موٽر وي صرف رستو نه آهي، پر سنڌ جي ترقي، عوام جي اعتماد ۽ شفافيت جو امتحان آهي. آزاد ادارن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي گهرجي ته هن منصوبي جو تفصيلي جائزو وٺن، هر خرچ، هر فيصلي ۽ هر ٽينڊر کي عوام جي نظر ۾ آڻن، ته جيئن ڪرپشن جي مڪمل تصوير سامهون اچي. انهن کي نه رڳو منصوبو مڪمل ڪرڻو آهي، پر عوام کي حادثن ۽ خطري کان بچائڻ لاءِ ڪم جي معيار تي مڪمل نگراني ڪرڻي آهي. سنڌ جا ماڻهو ڏسندا رهن ٿا ته ڪيتريون ئي اهم ٽريفڪ رستن ۾ اوچتو حادثا پيش اچي رهيا آهن، پر هي موٽر وي اڃان تعمير نه ٿي آهي، جنهن ڪري عوام جي زندگي خطري ۾ آهي. جيڪڏهن اڄ سنجيدگي سان قدم نه کنيا ويا، ته هي منصوبو صرف ڪاغذن تي رهندو ۽ اربين روپيا هميشه لاءِ ضايع ٿيندا. سکر–حيدرآباد موٽر وي جو مڪمل ٿيڻ رڳو هڪ رستو نه پر عوام جي زندگي، ترقي ۽ اعتماد جي بحالي جو امتحان آهي. عوام کي حق آهي ته منصوبي جا وسيلن تي شفافيت ۽ ايمانداري سان ڪم ٿئي. اهو وقت آهي ته حڪومت، اين ايڇ اي، وزير، ڊي سيز ۽ آفيسرن جا سڀ ڪم جاچ هيٺ آيا، ۽ عوام جي وسيلن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. افسوس، صد افسوس! جڏهن منصوبي کي اڃان شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪرپشن ۽ بدانتظامي جو شڪار بڻايو ويو، ته عوام جا اربين روپيا ضايع ٿي ويا، عوام جو اعتماد ٽٽي ويو ۽ ملڪ جا اهم وسيلن جو ڀڃڪڙي ٿي وئي. عوام جو حق آهي ته هر ذميوار پنهنجي ڪم جو جواب ڏئي ۽ ڪرپشن جي مرتڪبن کي سزا ملي، جيئن ايندڙ منصوبن ۾ اهڙي بي ضابطي ۽ بدانتظامي کي روڪڻ ممڪن ٿئي. پيغام واضح آهي ته عوام جا وسيلن جا ضايع ٿيڻ، ڪرپشن ۽ بدانتظامي قبول نه ٿا ڪريون. سکر–حيدرآباد موٽر وي عوام لاءِ تعمير ٿئي، نه ڪنهن جي ذاتي مفادن لاءِ. سنڌ جي عوام هاڻي جاڳي چڪو آهي، ۽ وقت اچي ويو آهي ته هر ذميوار پنهنجي ڪم لاءِ جوابده بڻجي ۽سرڪار جي توڙي ڪامورن ٺيڪيدارن جي ڪرپشن جي پت وائکي ڪري پنهنجو آواز بلند ڪري سنڌ جي ڀلائيء خاطر ميدان ۾ نڪري ايندا جنهن بابت سکر سنڌ هاء ڪورٽ سڳوريء خود اين ايڇ اي توڙي هن منصوبي ۾ ڪرپشن ڪندڙ سمورن ملزمن بابت ٻڌڻي ڪئي آهي ۽ هاڻي عوام کي به سجاگ ٿيڻو پوندو !!!!!!!!!










