ٻانڌي: ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ٻانڌي: ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ٻانڌي: (ن س) ٻانڌي ڀرسان موٽرسائيڪلن ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو ھو، جنهن ۾ جعميت علما اسلام يونٽ ٻانڌي جي اڳواڻ گل محمد مينگل ۽ مير احمد بروھي فوت ٿي ويا ھئا جنن جي جنازي نماز ۾ اڄ ريلوي اسٽيشن ٻانڌي تي ادا ڪئي وئي اڄ مرحوم گل محمد مينگل ۽ مير احمد بروھي جي جنازي نماز ٻانڌي جي ريلوي اسٽيشن گرائونڊ تي ادا ڪئي وئي، جنهن جي امامت جعميت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي. جنازي نماز ۾ سياسي، مذهبي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن سميت هزارين شهرين شرڪت ڪئي. شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل رهيو، جتي هر اک آلي نظر آئي. مقامي ماڻهن گل محمد مينگل کي هڪ بهادر، ۽ عوامي خدمتگار اڳواڻ قرار ڏيندي سندس اوچتي وڇوڙي تي ڳري ڏک جو اظهار ڪيو. پوليس حادثي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فوتين جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو