ٺٽي ۾ جشن آزادي تقريب،ٽيبلوز ۽ نغمه پيش،انعامن جي ورهاست

ٺٽي ۾ جشن آزادي تقريب،ٽيبلوز ۽ نغمه پيش،انعامن جي ورهاست

ٺٽو(ن س)سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن پاران PPAF جي مدد سان GBLSS ٻجورا اسڪول ۾ جشن آزادي بابت ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ضلعي ٺٽي جي پروجيڪٽ مئنيجر ميڊم حميرا علي پروجيڪٽ مئنيجر DEO ايجوڪيشن سيڪنڊري ٺٽو حضور بخش خاصخيلي ڊي اي فياض وستڙو RFO فاريسٽ ڊپارٽمينٽ، نياز ميمڻ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، UC چيئرمين نياز ميمڻ سميت مقامي ڳوٺاڻن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انھي موقعي تي شاگردن ۾ ٻوٽا پڻ ورهايا ويا جيڪي اسڪول ۾ لڳايا ويا جڏھن تہ شاگردن پاران تقريرون، ٽيبلوز ۽ ملي نغمه پيش ڪيا پروگرام جي آخر ۾ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن پاران بهترين پرفارمنس ڏيڻ وارن ۾ نقد انعام ورهايا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو