ماسڪو(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نفتالي بينيٽ روسي صدر کي يوڪرين بحران ۾ ثالثي جي آڇ ڪئي آهي. خابرو اداري موجب نفتالي بينيٽ ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽي ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي. يوڪرين اسرائيل کي ماسڪو سان ڳالهين لاءِ چيو آهي. اسرائيلي اهلڪار موجب ملاقات دوران يوڪرين جي صورتحال جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران ويانا ۾ ايران جوهري ڳالهين ۾ اڳڀرائي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اسرائيلي اهلڪار اهو به چيو ته دوري کي آمريڪا، جرمني ۽ فرانس جي حمايت حاصل هئي ۽ صدر پيوٽن سان ملاقات کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم يوڪرين جي صدر کي فون ڪيو. ٻئي طرف روسي صدر ولادي مير پيوٽن چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي، مارشل لا جي ضرورت ان وقت آهي جڏهن ملڪ ٻاهرين جارحيت کي منهن ڏئي رهيو آهي. پيوٽن چيو ته يوڪرين ۾ سڀ ڪجهه رٿابنديءَ سان ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ملڪ يوڪرين جي فضائي حدن کي نو فلائي زون قرار ڏيندو، اهو تڪرار ۾ شامل هوندو.










