اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي پر ان جي خريداري لاءِ شناختي ڪارڊ جي شرط رکي وئي آهي. يوٽيلٽي اسٽورز جي ترجمان موجب اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي فوري طور تي لاڳو ٿيندي.ترجمان جو چوڻ آهي ته رمضان سبسڊي تحت ڪمند جي قيمت ۾ 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ کنڊ 85 رپيا 70 پئسا في ڪلو ٿي وئي آهي.ٻئي طرف رمضان رليف پيڪيج تحت اٽي جو 20 ڪلو ٿلهو جيڪو 950 رپين ۾ ملندو آهي، اهو 20 رپين ۾ وڪرو ٿيندو. ترجمان موجب رمضان رليف پيڪيج ۾ 19 شين جو وڪرو شناختي ڪارڊ سان مشروط آهي، ان ڪري سبسڊي واري شين جي خريداري شناختي ڪارڊ کانسواءِ نٿي ٿي سگهي.










