وفا سانوڻ نوحاڻي
ڀٽائيءَ جي ڀلاري ڀونءِ سنڌ ڌرتيءَ جي تعلقي ڪنري ضلع عمرڪوٽ ۾ نواب پير بخش ٽالپر جي گهر ۾15جنوري 1943،جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ، نواب يوسف ٽالپر ، سنڌ جو سگهارو آواز بڻجي سنڌي مظلوم عوام جو ڪيس اعلي ايوان ۾وڙھندو ، يوسف ٽالپر ، شاگرد سياست ۾سرگرم عمل رهيو ، 4،چار مارچ ،1967ع،۾ شاگرد ليڊر ٿي اڀريو ، چار مارچ جو سنڌي شاگرد ھيرو بڻجي ميدان سامھون اچي سنڌي ھيرو بڻجي ويو ، 18، آڪٽوبر ، آڪٽوبر 1969ع جيئي سنڌ نوجوان محاذ جو بنياد وڌو ، ۽ پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو 1977،ع،۾ ،پيپلزپارڻي جي ٽڪيٽ تي ، اليڪشن ۾ ڊگھڙي جي تڪ تان ايم پي اي ، چونڊجي آيو ، پوءِ، نواب يوسف ٽالپر،1983ع، ايم، آر، ڊي، تحريڪ ۾ حيدرآباد۾ ،ھڪ وڏي جلوس جي اڳواڻي ڪندي گرفتاريءَ پيش ڪئي، ، پوءِ کيس گرفتار ڪري، مچ جيل۾رکيو ويو، 10اپريل 1986۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان واپس آئي، ته ان کان، پھرين يوسف ٽالپر، ممتاز ڀٽو سان ڱڏجي، ،1986ع۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ ٺاھي، يوسف ٽالپر سنڌ جو صدر ٿيو، پيپلزپارٽي کان الڳ ٿي ممتاز ڀٽو، جي صفن۾شامل ٿيو، ملڪ۾ڪانفيڊريشن نظام جي تحريڪ شروع ڪئي، ۽ سنڌ بلوچ پشتون فرنٽ جي پليٽ فارم تان، 1988ع واري اليڪشن سامارو،واري واري صوبائي تڪ تان حصو ورتو، جئين ته سنڌ جي عوام ممتاز علي ڀٽو، جي ڪنفيڊريشن جي نظام واري تحريڪ کي رد ڪري ڇڏيو، تڏهن پيپلزپارٽي جي مير منور ٽالپر نواب يوسف ٽالپر، کي اليڪشن ھارائي، سڄي سنڌ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ کي اليڪشن۾ناڪاميءَ ملي، 1990ع۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي ٽڪيٽ تي شيخ ڀرڪيو واري تڪ تان اليڪشن وڙھيو، قومي اسيمبليءَ۾ممتاز علي ڀٽو، ۽ فرنٽ جي اميدوارن جي ھارجڻ کي جواز بڻائي صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن جو، بائيڪاٽ ڪيو ويو،،پوء جلد ئي نواب يوسف ٽالپر سنڌ جي عوام جي خدمت جي لاءِ سنڌ جي عوام جي سوچ مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي۾ شموليت اختيار ڪئي، ممتاز ڀٽو کان علحدگي اختيار ڪئي، 1993ع يوسف ٽالپر اليڪشن۾پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي عمر ڪوٽ واري تڪ تان اليڪشن۾ حصو ورتو، نواز ليگ جي پير نورمحمد شاهه جيلاني کي شڪست ڏئي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزيراعظم ٿي، نواب يوسف ٽالپر سندس ڪابينا۾ وزير خوراڪ، ۽ زراعت جو وفاقي وزير بڻيو، 1997ع۾ واري اليڪشن۾ضلع عمرڪوٽ جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن۾حصو ورتو، پر انھيءَ اليڪشن۾پير نورمحمد شاهه جيلاني جي ھتان ھارائي ويو، ائين نوازليگ اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي، ، 2008ع،واري اليڪشن۾پ پ پ جي ٽڪيٽ تي عمر ڪوٽ مان اليڪشن۾حصو ورتو، محمد قاسم سومرو۽ پير نورمحمد شاهه جيلاني کي تاريخي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي، ۽ 2013ع۾ اليڪشن۾عمرڪوٽ تان ئي حصو ورتو، ۽ ھي اليڪشن زبردست ھئي، ڇوته پيپلز پارٽي سان گڏ رھندڙ شاهه محمود قريشيءَ، اليڪشن۾ پ پ پ کان جدا ٿي چڪو ھئو، نه رڳو جدا ٿي چڪو ھئو، پر عمرڪوٽ مان، پ پ پ جي نواب يوسف ٽالپر جي سامهون اليڪشن۾حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، عمرڪوٽ۾ غوثيه جماعت جي مريدن جو وڏو انگ رھي ٿو، ھي تڪ سنڌ سميت ملڪي سياست جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويو، پ پ پ جا ٻئي مرڪزي اڳواڻ رھيا ھئا، ۽ شاھ محمود قريشي پ پ پ سامھون اليڪشن وڙھي، تحريڪ انصاف جو، حيثيت۾، ھڪ اتحاد جي حيثيت۾، پ پ پ مخالف سڀ شاھ محمود قريشي جي حمايت۾ ننھن چوٽي جو زور لڳايو، پر نواب يوسف ٽالپر، جيالن جي ساٿ سان شاھ محمود قريشي کي ڏئي ڇڏي، پوءِ 2018ع،جي اليڪشن۾ ساڳي ئي تڪ تان اليڪشن۾ حصو ورتو، وري به مقابلو شاهه محمود قريشيءَ سان ھئو ملڪي ھوائن جا رخ تحريڪ انصاف جي خوشبو وکيري رھيا ھئا، تحريڪ انصاف کي وڏي سپورٽ ملي رهي هئي، پر نواب يوسف ٽالپر عوامي سپورٽ سان، ھوائن جا رخ، تبديل ڪري شاهه محمود قريشي کي، ٻيھر تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي، ۽ ھوءِ پوءِ قومي اسيمبليءَ جي واٽر ريسورسز جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ، سندس زندگي جي آخري اليڪشن،،2024ع، واري افسوس سان ثابت ٿي، ۽ ھن آخري اليڪشن۾ھڪ وڏيڪ تاريخ جوڙي ورتي، ھن اليڪشن۾پنھنجي مخالف اميدوار مير امان الله ٽالپر، ۽ تحريڪ انصاف جي لال مالهيءَ، کي 135000، ھڪ لک پنجٽيهه هزار کان وڏيڪ ووٽن سان ھڪڙي تاريخ رقم ڪري شڪست ڏني، ائين سندس زندگي جي سياسي سفر زندگي جي آخري ڏينهن تائين جاري رھيو، ، مير نواب يوسف ٽالپر جي زندگيءَ جا 82سال گذري ويا، نواب يوسف ٽالپر، جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ھڪ عظيم اثاثو ھيو، ھي پيپلز پارٽيءَ سان گڏ سنڌ جو اثاثو ھيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ جو هڪ آواز آهي، نواب يوسف ٽالپر، ھر جاء تي سنڌ جو آواز بلند ڪيو، سنڌ جي پاڻي جو مسئلو ھجي، سنڌ دشمن ڊيم ھجن، ڪئنال ھجن، نواب يوسف ٽالپر سنڌ جو پنھنجي ملڪ جو آواز بلند ڪيو، جڏهن چار مارچ واري شاگرد جدوجھد جو ھيروآھي، ۽ ھيرو رھندو، نواب يوسف ٽالپر رڳو چار مارچ جو، ھيرو ناھي، ھوءَ ملڪ۽ سنڌ جي حقن جي ھر جدوجھد جو ھيرو، آهي، نواب يوسف ٽالپر کي ھڪ سياسي ھيرو ھئو، اصول پرست سياسي اگواڻ ھيو، نواب يوسف، ايم آر ڊي تحريڪ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، جرنل ضياء الحق جي مارشلا ۾ نواب يوسف ٽالپر جھموريت جي لاءِ اھم ڪردار ڪري جيل جون سختيون برداشت ڪيون ، نواب يوسف ٽالپر ،ڪالا باغ ڊيم جي خلاف تاريخي جدوجھد ڪئي ، ڪالاباغ ڊيم ھجي يا ، ٿل ڪئنال ھجي خلاف ، يوسف ٽالپر سنڌ جي پاڻي جي جدوجھد جو سرمايو ھئو، مارشلا جي ڪاري دور جھموريت جي بقا جي لاءِ سياسي پرامن جدوجھد جو سرمايو آهي ، سنڌ واسين ھميشه جھموريت جي بقا جي لاءِ جدوجھد ڪئي آهي ، انھيءَ جھموري جدوجھد ن ۾ نواب يوسف ٽالپر جو عظيم ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي ، نه رڳو ايترو نواب يوسف ٽالپر ، سنڌ جي ھر اشوز تي عوامي ڪردار ادا ڪيو ، نواب يوسف ٽالپر ، جرنل پرويز مشرف جي ، دور حڪومت ۾ جھموريت جي بقا لاءِ پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ سان قربانيون ڏنيون ، آئين جي بحالي جي تحريڪن ۾ نواب يوسف ٽالپر ، قرباني ڏني ، ھر جھموريت جي بقا لاءِ ٿيندڙ سياسي جدوجھد ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪيو ، سنڌ جي وسيلن ،سميت ننڍن صوبن جي حقن جي ھر جدوجھد ۾ نواب يوسف ٽالپر مظلوم طبقن جي ماڻهن جي حقن جو سگھارو آواز بڻجي ويو ، ھوءَ سدائين انصاف جي فراهمي جي لاءِ مسڪين مظلوم عوام جو سھارو بڻجي ، ميدان تي رھيو ، سياسي جدوجھد ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ، سان گڏ رهيو ، پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ ئي ممتاز علي ڀٽو جي لابيءَ ۾اچي ڪجهه وقت پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان پري ب رهيو ، پر اصولن جي مطابق وري به پ پ پ ۾ شامل ٿيو ، ۽ زندگي جي آخري ڏينهن تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سياسي وفاداري جو ثبوت ڏنو ، نواب يوسف ٽالپر ، پاڪستان جي سياست ۾سرگرم رهيو ، پر ھر فورم تي مظلوميت جو آواز بلند ڪيو ، پوءِ چاھي ڪو مظلوم صوبي جو آواز ھجي ، چاھي ڪنھن صوبي ۾ ڪنھن مظلوم ماڻهن جو آواز ھجي ، پاڻ سدائين اصولن جي سياست کي ترجيح ڏني ، ھر ھڪ سان عزت ۽احترام جو رشتو جوڙيو ، نواب يوسف ٽالپر جي مخالفت به اصولن تي ھوندي ھئي ، نواب يوسف ٽالپر ڪڏهن به ڪنهن سياسي مخالف تي سياست جي آڙ ۾ ذاتي لفظن سان حملو نه ڪيو ، جيڪو اڄڪلهه ملڪي سياست ۾ ٿي رهيو آهي ، نواب يوسف ٽالپر جي سياست رواداريءَ جو ثبوت آهي ، ھن ھر حڪومت ۾سنڌ واسين جي حقن جي دفاع جي لاءِ سياسي جدوجھد ڪئي ، اصولن جي پاسداري ڪئي ، جھموريت جي بقا جي لاءِ سياسي جدوجھد نواب يوسف ٽالپر جي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو رھي آھي ، نواب يوسف ٽالپر شھيد بينظير ڀٽو کانپوءِ محترم بلاول ڀٽو سان وفاداري جو ثبوت ڏنو ، ساھ جي آخري ھڏڪي تائين ڀٽو ازم سان نيھن نڀائي ڇڏيو ، سندس عظيم ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي ، ھوءَ تاريخ جي ورقن ۾سچائي وفائي جي ڪردار سان ياد رکيو ويندو ، نواب يوسف ٽالپر ، جھموري جدوجھد جي انمول ھيري طور ياد رکيو ويندو نه رڳو پاڪستان جي سياست۾سندس سياسي ڪردار بھتر رهيو آهي، پر علائقي سطح جي سياست۾ ڏسجي ته، نواب يوسف جو ڪردار عوامي رھيو آھي ، جيڪڏهن يوسف ٽالپر ، جي تعلق عوام سان نه ھجي ھا ، ته ھوءَ وڏين وڏين شخصيتن ، پيراڻي گاديءَ کي ائين شڪست نه ڏئي ھا ، اليڪشن ۾ڪاميابي سندس عوامي خدمت جي گواھي آهي ، سدائين ڪاميابيون حاصل ڪري پاڻ کي عوامي مقبوليت رکندڙ سياسي ليڊر طور سڄي دنيا ۾ثابت ڪري ڏيکاريو ، اھڙي قومي اسيمبليءَ ۾سنڌ جو گونجڻ وارو عوامي آواز نواب يوسف ٽالپر ئي ھيؤ ، آھيو بااصول سياسي اڳواڻ ، عوامي دلين تي راڄ ڪندڙ ، جھموريت ۾ اسيمبليءَ اندر ھر مظلوم طبقن جي نمائندگيءَ ڪندڙ ، پنهنجي ڌرتيءَ جو بھادري سان ڪيس پيش ڪندڙ ، پيپلزپارٽي جو وفادار جيالو نواب يوسف ٽالپر ، اسان کان ھميشه جي لاءِ وڇڙي ويو ، سندس وچوڙي سان ھڪ مظلوم طبقن جي ماڻهن ، جو ڪيس وڙھندڙ عظيم انسان کان سنڌ محروم ٿي وئي آهي ، سنڌ کي اھڙن سچن بي پاڪ ماڻهن ڪردارن جي ضرورت آھي ، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ پنهنجي ووٽرن ، جي مفادن جي تحفظ لاءِ ايمانداري ءسچائي سان گڏوگڏ انساني حقن جي حاصلات لاءِ عوامي آواز بڻجي عوامي تحريڪ ھلائڻي جي لاءِ ڪردار اداڪن ، نواب يوسف ٽالپر جي وچوڙي سان جھموريت جو وڏو نقصان ٿيو آهي ، سنڌ جي سياسي تاريخ ۾وڏو خال پيدا ٿيو آهي ، سنڌ ھڪ سگھاري عوامي آواز کان محروم ٿي وئي آهي ، عمرڪوٽ جي ضلعي جي عوام ھڪ سياسي عوامي دلين تي راڄ ڪندڙ ليڊر کان محروم ٿي وئي آهي ، سندس ان ڏک ۾سڄي سنڌ شريڪ آهي ، سنڌ ھر اشوز تي اٿندڙ ھڪ آواز خاموش ٿي ويو آهي ، سنڌ ھڪ بھترين پارلياماني ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آهي ، نواب يوسف ٽالپر جي وچوڙي تي سنڌ سميت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ورڪرن کي سياسي طور نقصان ٿيو آهي ، ھڪ سچو بھادر ڪارڪن وڇڙي ويو آهي ، جھموريت جي سفر تي ھلندڙ ھڪ راھ جو مسافر جدا ٿي ويو آهي ، اھڙن سچن بھادر جھموريت پسند ماڻهن جي پارٽيءَ سميت سنڌ کي ضرورت آھي ، سندس وچوڙي سان جھموريت پسند ماڻهن جي جيڪا کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ، انھيءَ کوٽ جي پورائيءَ جي لاءِ سنڌ کي گھڻو وقت لڳندو ، سنڌ جي عوام کي اصول پسند سياستدان جي ضرورت آھي ، جيڪي نواب يوسف ٽالپر ، جھڙا ڪردارن جا مالڪ ھجن ، پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾، ھر گونجندڙ آواز ھميشه جي لاءِ خاموش ٿي ويو آهي ، بس سنڌ خال ڀرڻ جي لاءِ وڏو وقت لڳندو ، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس خاندان مان ٿيندڙ سندس جانشين يوسف ٽالپر جھڙو ڪردار ادا ڪري ، انھيءَ جيان سياسي فيصلا ڪري ، سنڌ ۽ ملڪ جي خلاف ، ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه سان ميدان ۾ اچي ، تڪ جي عوام سميت ملڪ ءسنڌ جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ، پنهنجي ديس ۽ پارٽيءَ سان يوسف ٽالپر جيان وفاداري ڪري ، سچائيءَ ۽ وفاداري جو ثبوت ڏئي ، پاڪستان ، سنڌ ،سميت پنھنجي سياسي نظريي سان وفا ڪري ڏيکاري ، ته سنڌ پاڪستان سميت عوامي دلين ۾ پنهنجي حمايت جي جاء ٺاھي ھڪ يوسف ٽالپر جي وچوڙي جي غم کي سياسي طاقت ۾ تبديل ڪري سنڌ جي خدمت جو جذبو پيدا ڪري ، ته يوسف ٽالپر جي راھ وفا تي ھلندڙ سندس جانشين ٿي عوام جي ڏک سک ۾شريڪ ھڪ عوامي سھارو بڻجي ت يقين سنڌ جي عوام يوسف ٽالپر جيان ساڻس به وفاداري ڪري اعلي ايوان ۾ضرور پھچائي وفا جو وچن ورجائيندي ، سنڌ واسين ھميشه سچن بھادر جھموريت پسند پارٽين ۽ ماڻهن جو ساٿ ڏنو آھي ، سنڌ اھڙن عوامي ڪردارن تي ناز ڪندي آهي ، جيڪي سنڌ ۽ سنڌ سميت دنيا جي مظلومن جي مدد ڪري سندن حقن جي حاصلات لاءِ عوامي جدوجھد ڪري رهيا آهن ، اھڙن سچن بھادر جھموريت پسند ماڻهن جو سنڌي عوام سدائين ساٿ ڏنو آھي ، جئين نواب يوسف ٽالپر جو ساٿ ڏنو آھي ،










