وڏي وزير جو ٿر جو دورو ۽ عوامي گذارشون،ناشاد سمون

سنڌ جو وڏو وزير مانوارو سائين مراد علي شاھ 28 آڪٽوبر 2020 اربع تي قديم اتهاس جي ماڳ ننگرپارڪر اچي رهيو آهي . موقعي جي مناسبت سان پنهنجي سوچ ۽ زميني حقيقتن مطابق ڪجھ اهم تجويزون عرض رکجن ٿيون .ڳوٺ لوڻيون سمان کان ويراواھ تائين ننگرپارڪر جو مين روڊ جيڪو 2006 ۾ ارباب دور ۾ ٺهيو هو اڄ تائين بهتر نموني مرمت نه ٿيڻ ، برساتن ۽ گهڻي ٽرئفڪ هلڻ سبب تباھ ٿي چڪو آهي . جيئن ته توهان باءِ روڊ اچو ٿا ان ڪري هن خسته  حال روڊ جو جائزو وٺندا اچو . لوڻيون سمان کان ويراواھ تائين هن روڊ جي ترت مرمت جي ضرورت آهي . ننگرپارڪر تعلقي ۾ پيل تيز برساتن سبب ٻيا ننڍا وڏا لنڪ روڊ پڻ تباھ ٿي چڪا آهن تن مان خاص طور تي ڏانوڌانڌل کان ٻاراچ راڄڙ روڊ مڪمل تباھ آهي هي روڊ مختلف وڏن وڏن ڳوٺن موکئي ، سوندر ، مالسريو ، ڊاڀو ، ڊاڀي ڀيل ، ٻاراچ راڄڙ ، کيپليون ، ۽ ٻين ڳوٺن کي ڏانوڌانڌل ۽ ننگرپارڪر سان ملائي ٿو تنهن ڪري هن روڊ جي ترت مرمت ڪري عوام کي اهنجن مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي .

Photo Sindhyar

ڀوڏيسر کان آڌيگام لنڪ روڊ پڻ ڪافي جاين تي ٽٽل آهي جنهن سان پڻ سوين ڳوٺ ڳنڍيل آهن انهي روڊ جي مرمت ٿيڻ گهرجي . ننگرپارڪر تعلقي جي اڪثر پرائمري اسڪولن جي بلڊنگن جي حالت انتهائي نازڪ آهي ۽ اهي پراڻيون بلڊنگون زبون حال ٿيل آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڊهي ڪري سگهن ٿيون جنهن سان سوين معصوم شاگردن جون املهه جانيون وڃي سگهن ٿيون . تنهن ڪري ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي سخت هدايتون جاري ڪري انهن تباھ حال اسڪولن جي بلڊنگن جي جاءِ تي نيون بلڊنگون ڏنيون وڃن . ان کان سواءِ ڪافي پرائمري اسڪولن کي اڃا سوڌو بلڊنگون ئي ناهن معصوم ٻار وڻن جي ڇانو هيٺ ويهي تعليم پرائن ٿا . ڪافي اسڪولن کي بلڊنگون آهن تہ چوديواري ڪونهي . تنهن ڪري شفاف سروي ڪرائي پرائمري اسڪولن کي بلڊنگ ، فرنيچر ۽ ٻيون سهوليتون فراهم ڪيون وڃن . ننگرپارڪر جي پرائمري توڙي مڊل ، هاءِ ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ عملي / استادن جي شديد کوٽ آهي . استادن جي سخت اڻاٺ سبب ڪافي اسڪول بند پيل آهن توڻي جو اهو پوري صوبي جو مسئلو آهي جنرل مسئلو آهي پر انهي طرف بہ ڌيان ڌريندا. ننگرپارڪر تعلقي ۾ ٽہ (3) هائر سيڪنڊري اسڪول آهن . (1) ننگرپارڪر (2) ڏانوڌانڌل (3) مٺڙيو هاليپوٽا ٽنهي هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ ٻي عملي سان گڏ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جون جيڪي پوسٽون سينڪشن ٿيل آهن انهن تي اڄ تائين جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ناهي ڪيو ويو . ان ڪري فرسٽ ايئر ۽ انٽرميڊيئيٽ جا ڪلاسز نہ ٿا هلن فقط ايڊميشن رکي وڃي ٿي . جيترو جلد ٿي سگهي انهن ٽنهي هائر سيڪنڊري اسڪولز ۾ ايس ايس جي مقرري ڪريو . ننگرپارڪر ٿرپارڪر جو ڏورانهون تعلقو آهي مٺي هتان کان 150 ڪ م مفاصلي تي آهي . ڊگري ڪاليج صرف مٺي ۾ آهي . ننگرپارڪر جي شاگردن کي مٺي وڃي پڙھڻ ۾ سخت تڪليفون درپيش اچن ٿيون . ننگرپارڪر ۾ ڪاليج جي بلڊنگ ڪافي ورهيه اڳ ٺهي هئي جيڪا فضول پيل آهي . ڪجھ وقت اڳ ٻُڌڻ ۾ آيو هو ته ننگرپارڪر ڪاليج منظور ٿيو آهي پر اهڙي ڳالهه اڃا تصديق شده يا سرڪاري سطح تي ٿيل ڪونهي . ننگرپارڪر کي ڪاليج ڏنو وڃي . ننگرپارڪر تعلقي ۾ صحت جون سهوليتون نه هئڻ برابر آهن . صرف هڪڙي تعلقي اسپتال ننگرپارڪر شهر ۾ آهي جيڪا پوري تعلقي کي پوري پئي نه ٿي سگهي . ڏانوڌانڌل ۽ ويراواھ ۾ جيڪي بيسڪ هيلٿ سينٽر آهن اهي پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ٿيل آهن ڪجھ ٻين ڳوٺن جون ڊسپينسريون بہ پي پي ايڇ آءِ جي حوالي آهن پر پي پي ايڇ آءِ بهتر نتيجا ڪونہ پئي ڏئي . انهن کي سڌاريو وڃي . ڏانوڌانڌل جي بيسڪ هيلٿ سينٽر کي رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏئي سرڪاري سهوليتون فراهم ڪيون وڃن . ڏانوڌانڌل تعلقي ننگرپارڪر جو ننگرپارڪر کان پوءِ مرڪزي ۽ اهم ڪاروباري شهر آهي . هتي پريس ڪلب جي بلڊنگ ناهي مختلف ادارن سان لاڳاپيل صحافي هتي ڪم ڪري رهيا آهن پر عوام کي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڪو هنڌ ميسر ناهي . ڏانوڌانڌل پريس ڪلب کي بلڊنگ ڏني وڃي . ننگرپارڪر تعلقي جي ننگرپارڪر شهر ۽ آسپاس جي ڪجهه ڳوٺن کان سواءِ پوري تعلقي ۾ ڪٿي به بجلي جي سهولت ناهي . بجلي توڻي جو وفاقي سبجيڪٽ آهي پر توهان ان لاءِ پنهنجون ڪوششون وٺي سگهو ٿا . ان کان سواءِ هن دور ۾ بجلي جو بهترين متبادل سولر سسٽم يعني شمسي نظام آهي توهان جي ڪابينا ۾ محترم امتياز شيخ انرجي جو وزير آهي . توهان کي عرض آهي تہ ننگرپارڪر تعلقي جي ڏورانهن ڳوٺن ۽ شهرن کي بجلي بدران سولر سسٽم ڏيو . هن وقت پوري ٿرپارڪر ۾ سانوڻي جون سٺيون برساتون ٿيڻ ڪري ڪجھ فصل ٿيو آهي جنهن ۾ ٻاجهر ، گوار ، مڱ ، موٺ ، تِر ۽ ڇانهين جون ڪُريون شامل آهن پر هر سال جيان روايتي طريقو اپنائيندي هتان جي سيٺن ٿري فصل جا اگھ بلڪل گهٽ ڪري ڇڏيا آهن . سستي اگھ تي فصل ورتو پيو وڃي . اهم ڳالھ تہ ٿر جي فصل جي حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪا پلاننگ ڪونهي نہ سرڪاري اگھ مقرر ٿيندو آهي نہ خريداري جا سرڪاري مرڪز . توهان جي حضور عرض ڪجي ٿو تہ ٿرپارڪر جي فصلن جا بهتر اگھ مقرر ڪري سرڪاري سطح تي خريداري مرڪز قائم ڪريو . ننگرپارڪر جهڙي قديم تاريخي تهذيبي شهر ۾ علم جي اُڃارن لاءِ ڪا لائبريري ڪونهي ننگرپارڪر ۾ لائبريري جو قيام ٿيڻ گهرجي . ڪارونجهر جيڪو لازوال تاريخ جو چٽو اهڃاڻ آهي تنهن جي قيمتي خوبصورت پٿر کي بدستور ڪٽيو ۽ کنيو پيو وڃي جنهن سان تاريخ جي سيني ۾ ڄڻ خنجر لڳي رهيو آهي توهان ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي پوري سنڌ جي سڃاڻپ ڪارونجهر جي تهذيب کي تحفظ ڏيو .

پهنجو تبصرو موڪليو