ممبئي(ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي پوري ٽيم 17.4 اوورن ۾ 147 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ويسٽ انڊيز کيس 107 رنز تان شڪست ڏني. ان کان اڳ ويسٽ انڊيز ٽورنامينٽ جو وڏي ۾ وڏو اسڪور ڪندي 255 رن جو زمبابوي کي ٽارگيٽ ڏنو آهي. ويسٽ انڊيز جي اننگ ۾ 19 ڇڪا ۽ 16 چوڪا شامل هئا.زمبابوي جا اوپنر به جلدي آئوٽ ٿي ويا، ٽاڊيوانشي مروماني 14 ۽ برائن بينٽ 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڊيان مائرس 28، ريان برل زيرو، سڪندر رضا 27، ٽوني منينگا 14، تاشيڪاموسيڪاوا زيرو، گريمي ڪريمر، بليسنگ مزارباني ٻئي زيرو تي آئوٽ ٿيا. زمبابوي جي ڏهين وڪيٽ جي پارٽنرشپ بريڊ ايونز ۽ رچرڊ گراوا ۾ زبردست لڳي، پر رن ريٽ وڌي چڪو هو. ايونز 5 ڇڪا۽ 2 چوڪا هڻي 20 بالن تي 43 رنز ٺاهيون. ان کان اڳ ونکيڊ اسٽيڊيم ۾کيڏي ويندڙ ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز جا ٻئي اوپنر جلدي آئوٽ ٿي ويا. برينڊن ڪنگ 9 ۽ شئي هوپ 14 رنسون ٺاهي سگهيا. ان بعد ون ڊائون شمرون هيٽمائر ۽ روومين پاول 122 رنز جي زبردست پارٽنرشپ ٺاهي ڇڪن چوڪن جي برسات ڪندي ففٽيون مڪمل ڪيون. شمرون هيٽمائر 19 بالن تي ففٽي ڪئي ۽ 34 بالن تي 7 چڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 85 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته پاول 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. روماريو شيفرڊ 10 بالن تي21 رنسون ٺاهي ڪيچ ٿيو. جيسن هولڊرآخري اوور ۾ لڳاتار مزارباني کي 2 ڇڪا هنيا ۽ ٽئين بال تي ڪيچ ٿي ويو. هن 4 بالن تي 13 رنسون ٺاهيون، شرفين ردرفورڊ 13 بالن تي 31 رنز ٺاهي نات آئوٽ رهيو. ويسٽ انڊيز هن ٽورنامينٽ جو وڏي ۾وڏو اسڪور ڪيو، 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 254 رنسون ٺاهيون.
مشهور خبرون










