آفتاب عالم مهر
انساني تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا پَلَ آيا، جن سماج جو رخ بدلائي ڇڏيو، پر حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت مبارڪ اهو پَلُ آهي، جنهن ۾ نه رڳو عرب پر سڄي ڪائنات لاءِ روشني ۽ اميد جو سرچشمو بڻجي آيا. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي آمد سان دنيا کي اهو پيغام مليو ته انساني عظمت جو اصل معيار نسل، قوم يا دولت نه پر حسن اخلاق آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ جو هر قدم، هر قول ۽ هر عمل اخلاقي عظمت جو اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ انسانيت پنهنجي اصل سڃاڻپ ڳولھي سگهي ٿي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت مبارڪ انهيءَ دور ۾ ٿي، جڏهن دنيا ۾ ظلم، جبر ۽ اخلاقي زوال عام هو. طاقتور ڪمزور کي دٻائيندو هو، عورتن کي زندھ دفن ڪيو ويندو هو، يتيم ۽ غريب حق کان محروم هوندا هئا ۽ نفرتن جي باھه سماج کي ساڙي رهي هئي. اهڙي ماحول ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم پوري دنيا جي انسانيت لاءِ رحمت العالمين بڻجي آيا. اوهان جو فرمان آهي، “مون کي ان لاءِ موڪليو ويو آهي ته مان اخلاقي عظمت کي مڪمل ڪريان” هي جملا ٻڌائين ٿا ته نبوت جو مرڪزي پيغام ئي انسان لاءِ حسن اخلاق آهي. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبق سچائي آهي. ننڍپڻ ۾ ئي اوهان کي ”الصادق“ ۽ ”الامين“ سڏيو ويو. مڪي جا ماڻهو، جيڪي دشمن به هئا، پنهنجو سامان اوهان وٽ رکندا هئا، ڇو ته اوهان جي ايمانداريءَ تي ڪنهن کي به شڪ نه هو. اڄ جڏهن سماج ڪوڙ، دوکي، وياج ۽ ڪرپشن ۾ جڪڙيل آهي، تڏهن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سچائي اسان لاءِ سڀ کان وڏو سبق آهي. جيڪڏهن فرد سچو ٿي وڃي، ته سماج پاڻ سڌري ويندو. عدل ۽ انصاف حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ جو ٻيو وڏو پيغام آهي. اوهان جي عدالت ۾ ڪنهن لاءِ به ڪا به ننڍ وڏائي جي حيثيت نه هئي. امير ۽ غريب، عرب ۽ غير عرب سڀ برابر هئا. هڪ ڀيري هڪ طاقتور قبيلي سفارش ڪئي ته سندن عورت کي چوريءَ جي سزا نه ڏني وڃي، پر اوهان فرمايو: ”جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ فاطمه به چوري ڪري ھا ته مان ان جو به هٿ ڪٽائي ڇڏيان ھا.“ هي انصاف جو معيار ٻڌائي ٿو ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جو پيغام ڪنهن خاص طبقي لاءِ نه پر سڄي انسانيت لاءِ هو. رحم ۽ سهپ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حسن اخلاق جا سڀ کان حسين پهلو آهن. طائف ۾ جڏهن اوهان کي پٿر هنيا ويا، اوهان زخمي ٿي رتو رت ٿي ويا، تڏهن به اوهان بددعا نه ڏني، پر پوءِ به پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن انھن لاءِ دعا گهري ”اي الله! انهن کي هدايت ڏي، ڇو ته اهي ڄاڻيندا ناهن.“ مڪي جي فتح جي ڏينهن جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم وٽ مڪمل طاقت هئي ته دشمنن کي معاف ڪرڻ بجاءِ ختم ڪري ڇڏين ھا، پر اوهان اعلان ڪيو: ”اڄ توهان سڀ آزاد آهيو.“ اهڙو رحم ۽ سهپ انساني تاريخ ۾ ٻئي ڪٿي به نظر نٿو اچي. خانداني زندگي ۾ به حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم حسن اخلاق جو مڪمل نمونو هئا. اوهان زالن سان محبت ۽ عزت سان پيش ايندا هئا، ٻارن سان شفقت ڪندا هئا، غلامن کي پنهنجي ڀائرن جي برابر سمجهندا هئا. جڏهن هڪ غلام کان ٿانءُ ڪري پيو، اوهان کيس نه ڇڙٻ ڏني نه منھن ۾ گھنج وڌو، پر مسڪرائيندي فرمايو: ”انسان کان غلطي ٿيندي آهي.“ هي رويا ٻڌائن ٿا ته اوهان جو اخلاق صرف وڏن معاملن تائين محدود نه هو، پر روزانو جي زندگي ۾ به زندھه هو. اسين اڄ جي دنيا ۾ جيڪڏهن نظر وجهون ته انسانيت ترقيءَ جي وڏن دعوائن باوجود اخلاقي زوال جو شڪار آهي. ڪوڙ ۽ دوکو واپار ۾، ناانصافي عدالت ۾، ڪرپشن سياست ۾، بي رحمي سماج ۾ عام ٿي ويا آهن. اهڙي وقت ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو حقيقي پيغام اسان لاءِ اهو آهي ته حسن اخلاق کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون. جيڪڏهن فرد سچو، ايماندار ۽ رحم دل ٿي وڃي، ته سماج پاڻ سڌري ويندو. جيڪڏهن حڪمران انصاف کي پنهنجو دستور بڻائين، ته رياست مضبوط ٿيندي ۽ جيڪڏهن قومون رحم ۽ سهپ کي پنهنجو شعار بڻائين ته دنيا مان جنگون ۽ نفرتون ختم ٿي وينديون. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت اسان لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن رڳو تڏهن بڻجي سگهي ٿو، جڏهن اسين اوهان جي اخلاقي تعليمات کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪريون. جشن ولادت جا جلوس، نعرا ۽ سجاوٽون پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر اصل خوشي اها آهي ته اسان پنهنجي عمل سان دنيا کي ڏيکاريون ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جا امتي اخلاقي طور اعليٰ درجي تي آهن. انساني تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته قومون طاقت سان نه پر اخلاق سان زندھه رهنديون آهن. جڏهن اخلاق ختم ٿيندو آهي، ته سڀئي ترقيون برباد ٿي وينديون آهن. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو پيغام ئي اهو آهي ته انسانيت کي حسن اخلاق سان سينگاريو وڃي. اڄ دنيا کي جنهن شيءِ جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، اها نه رڳو دولت، علم يا طاقت آهي، پر اها حسن اخلاق آهي، جيڪو انسان کي انسان بڻائي ٿو ۽ اهو حسن اخلاق حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ مان ئي ملي ٿو.










