وفاقي آئيني عدالت جي پهرين ڪاز لسٽ جاري

وفاقي آئيني عدالت جي پهرين ڪاز لسٽ جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت جي پهرين ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب، ايندڙ هفتي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٽي بينچ ڪيس ٻڌندا. ڪاز لسٽ موجب، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان ڪورٽ روم نمبر 1 ۾ ڪيس ٻڌندا، جڏهن ته جسٽس حسن اظهر رضوي کي ڪورٽ روم نمبر 2 ۾ ٻڌڻي جي ذميواري ڏني وئي آهي. ٽئين بينچ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا شامل آهن، جيڪي ڪورٽ روم نمبر 3 ۾ ٻن رڪني بينچ جي حيثيت سان ڪيس ٻڌندا. وفاقي آئيني عدالت جي قيام کان پوءِ هي پهرين ڪاز لسٽ آهي، جنهن تحت ايندڙ هفتي اهم آئيني ڪيسن جي ڪارروائي شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو