اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف سان اڄ چونڊن جي تاريخ بابت ڳالهيون شروع ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، جي يو آءِ تحفظات سبب ڳالهين واري ٽيم جو حصو نه هوندي.ذريعن موجب اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ کيس اڄ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ عدالتي ڪارروائي بابت آگاهه ڪيو.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اڄ ڳالهين جي شروعات ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.اٽارني جنرل ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات کانپوءِ قانون واري وزير نذير تارڙ ۽ پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر هڪ ٻئي سان رابطو ڪيو آهي.حڪومتي ذريعن موجب پي ٽي آءِ سان ڳالهيون اڄ شام 6 وڳي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ٿينديون، جمعيت علماءِ اسلام (ف) تحفظات سبب ڳالهين واري ٽيم جو حصو نه هوندي.ان حوالي سان سينيٽ سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته سياسي ڳالهين بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام 6 وڳي پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم نمبر 3 ۾ طلب ڪيو ويو آهي.










