نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مئي ۾ ڀارت سان جنگبندي جي ثالثيءَ واري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته هو “واقعي امن پسند شخص آهي”. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي شروعات ڪندي چيو: “اڄ اسان جي دنيا اڳ کان وڌيڪ پيچيده آهي. تڪرار شدت اختيار ڪري رهيا آهن، بين الاقوامي قانون کي بي شرميءَ سان ٽوڙيو پيو وڃي، انسانيت سوز بحران وڌي رهيا آهن، دهشتگردي اڃا تائين هڪ خطرناڪ روپ ۾ آهي، ڪوڙيون خبرون، غلط معلومات ۽ گهڙيل خبرون اعتماد کي ختم ڪري رهيون آهن، موسمي تبديليون اسان جي بقا لاءِ خطرو بڻجي چڪيون آهن، ۽ خاص طور تي پاڪستان جهڙين ملڪن لاءِ اهو وڌيڪ سنگين آهي.” هن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪلهه گهڻ فريقي تعاون (multilateralism) وقت جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز واضح ڪيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، هڪٻئي جي احترام ۽ تعاون تي ٻڌل آهي. “اسان گفتگو ۽ سفارتڪاري وسيلي سڀئي تڪراري معاملا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا،” وزيراعظم ياد ڏياريو ته گذريل سال، هن ئي پوڊيم تان “مون خبردار ڪيو هو ته پاڪستان ڪنهن به ٻاهرين حملي خلاف تمام ترت ۽ فيصلائتو قدم کڻندو”. “اهي منهنجا لفظ سچ ثابت ٿيا … هن سال مئي ۾، منهنجي ملڪ تي اوڀارين سرحد کان بي بنياد حملو ٿيو، اسان جي دشمن وڏي گهمنڊ ۽ غرور سان حملو ڪيو ۽ اسان انهن کي ذليل ڪري روانو ڪيو. “ڀارت انساني آفت مان سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي خلوص ڀري پيشڪش — پهلگام جي واقعي جي آزادانه عالمي جاچ واري آڇ کي رد ڪيو. ان جي بدران، هن اسانجي شهرن تي حملو ڪيو ۽ اسانجي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو. جڏهن اسان جي علاقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي خلاف ورزي ٿي، ته اسان جو جواب اقوامِ متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 جي مطابق هو.” هن پاڪستان جي مسلح فوجن ۽ فوجي قيادت جي تعريف ڪندي چيو: “اسانجي بهادر مسلح فوج، فيلڊ مارشل عاصم مُنير جي شاندار قيادت هيٺ، انتهائي پيشورانه، بهادري ۽ تڪنيڪي قابليت سان آپريشن ڪيو. ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو جي قيادت هيٺ اسانجي عقابن ان جو جواب آسمان تي ڏنو ۽ ڀارت جا 7 جنگي جهاز تباهه ڪري ڇڏيا..” وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط موقف مان مئي ۾ ڀارت سان چار ڏينهن جي تڪرار کانپوءِ جنگبندي تي رضا مند ٿيو. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ انهن جي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو ته “انهن جي فعال ڪردار” جنگبندي ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. “صدر ٽرمپ جي امن جي ڪوششن ڏکڻ ايشيا ۾ جنگ کي ٽَاريو. جيڪڏهن ان وقت ترت فيصلو ڪندڙ جي مداخلت نه ھجي ها ته مڪمل جنگ جا نتيجا تباهه ڪن هجن ها،” وزيراعظم شهباز چيو. “تنهنڪري، اسانجي دنيا جي هن حصي ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۾ صدر ٽرمپ جي شاندار ۽ نمايان ڪردار جي اعتراف طور، پاڪستان هن کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو. هي گهٽ ۾ گهٽ ڪم هو جيڪو اسين ڪري سگهون پيا، مان سمجهان ٿو ته هو واقعي امن پسند شخص آهي.” وزيراعظم ان موقعي تي انهن دوستن ۽ ڀائيوارن، بشمول چين، ترڪي، سعودي عرب، قطر، آذربائيجان، ايران، متحده عرب امارات ۽ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جو مئي ۾ تڪرار دوران پاڪستان کي سفارتي سهڪار فراهم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. “اسان جنگ کٽي ويٺا آهيون، ۽ هاڻي اسان پنهنجي علائقي ۾ امن حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هي منهنجو سڀ کان مخلص ۽ سنجيده آڇ آهي انهيءَ عالمي اسيمبليءَ جي اڳيان. پاڪستان ڪنهن به ڇڙيل معاملن تي ڀارت سان جامع، گڏيل ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي،” وزيراعظم شهباز زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا کي ڇڪتاڻ وڌائڻ واري نه پر اڳتي وٺي وڄن واري قيادت جي ضرورت آهي. “انڊس واٽر ٽريٽي کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪوشش نه رڳو معاهدي جي شقن جي خلاف آهي پر بين الاقوامي قانون جي اصولن جي به ڌڄيون اڏائي ٿي،” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستانءَ واضح ڪيو آهي ته “اسان پنهنجي 240 ملين ماڻهن جي انهن پاڻيءَ تي حق جو پورو، پختو ۽ دليريءَ سان دفاع ڪنداسين.” هن والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان ڀائيچاري جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هڪ ڏينهن وادي ۾ ڀارت جي ظلم کي روڪيو ويندو. “ڪشميرين کي پاڻ فيصلو ڪرڻ جو بنيادي حق اقوامِ متحده جي نگراني ۾ هڪ غيرجانبدار ريفرنڊم ذريعي ملندو،”
‘دل ڏاريندڙ صورتحال’
غزه ڏانهن رخ ڪندي هن چيو ته فلسطيني ماڻهن جي صورتحال “اسانجي دور جي سڀ کان وڏي دل ڏاريندڙ آفتن مان هڪ” آهي. “هي ڊگهي اڻبرابري عالمي شعور تي داغ آهي ۽ اسانجي گڏيل اخلاقي ناڪامي آهي. لڳ ڀڳ 80 سالن کان فلسطيني بهادري سان اسرائيل جي سفاڪ قبضي کي برداشت ڪري رهيا آهن. ويسٽ بئنڪ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان نئين بيرحمي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي،” هن ڏک سان چيو ته غزه ۾، اسرائيل جو نسل ڪشي وارو حملو عورتن ۽ ٻارن تي اهڙي وحشت طاري آهي جنهن جو تاريخ ۾ ذڪر نٿو ملي. “پنهنجي خبيث مقصدن جي تلاش ۾، اسرائيلي قيادت معصوم فلسطيني ماڻهن خلاف شرمناڪ مهم شروع ڪئي آهي، جنهن کي تاريخ پنهنجي اونداھين صفحن مان هڪ طور ياد رکندي،” غزه ۾ ٿيندڙ ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو، “اسان کي ڳالهائڻو پوندو، ۽ زور سان صاف طور ڳالهائڻو پوندو.” “ننڍڙن ٻارڙن جا جنازا کڻڻ سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندا آهن. مان ڄاڻان ٿو، جيئن مون تازو ڀارتي حملي ۾ 6 سالن جي معصوم ارتضا عباس جو جي حمايت ڪريون ٿا جنهن جي گادي جو هنڌ يروشلم هوندو. صدر ٽرمپ جي ڪجهه مسلم ملڪن جي قائدين سان هن هفتي جي ملاقات جو ذڪر ڪندي، هن آمريڪي صدر جي غزه بابت اجلاس گهرائڻ کي “بروقت قدم” قرار ڏيندي ان جي تعريف ڪئي. “مان به انهي صلاح مشوري واري عمل جو حصو هيس ۽ مان اميد ۽ دعا ڪريان ٿو ته اهو جلد جنگبندي لاءِ نئين اميد جاڳائي،” ان موقعي تي هن دوحه تي حملي جي به مذمت ڪئي جنهن ۾ حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو، وزيراعظم يوڪرين تڪرار جي اقوامِ متحده جي چارٽر جي مطابق پرامن حل جي ڪوششن جي به حمايت ڪئي.










