فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته آءِ پي پي تقريبن 8 قومي اسيمبلي سيٽون کٽيندي، آزاد اميدوارن جو وڏو انگ چونڊن کانپوءِ آءِ پي پي ۾ شامل ٿيندو.نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته اسان جو 20 کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل پارلياماني گروپ قومي اسيمبلي ۾ هوندو، اسان جو اتحاد ن ليگ سان هوندو، ن ليگ آءِ پي پي، آزاد اميدوارن ۽ ايم ڪيو ايم کي وفاق جو حصو بڻائيندي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آزاد اميدوار گڏجي صوبائي حڪومت ٺاهيندا، بلاول ڀٽو اپوزيشن ليڊر ٿي سگهي ٿو پر وزيراعظم نه، وزيراعظم ٿيو ته آصف زرداري ٿيندو بلاول نه.










