اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته کيس وزيراعظم، صدر ۽ خالد مقبول صديقي جو اعتماد آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته گورنر هائوس جا دروازا عام شهرين لاءِ کليل آهن، گورنر هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ واري دعويٰ ڪنهن ٻئي جي هئي. ڪامران ٽيسوري چيو ته اسان پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي، ليپ ٽاپ ۽ مفت راشن ڏيندا رهنداسين.هن چيو ته حيدرآباد ۾ جي آءِ ٽي يونيورسٽي جي تعمير تي ڪم جاري آهي.ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنر جي تبديلي بابت افواهون هلي رهيون آهن.فاروق ستار چيو ته اسان سان ڪنهن به ڳالهه نه ڪئي ۽ نه ئي اسان سان صلاح ڪئي، جيڪڏهن ڪنهن گورنر کي سمورن شعبن ۾ قبول ڪيو ويو ته اهو ڪامران ٽيسوري آهي.










