واٽس ايپ پيغام ايڊٽ ڪرڻ وارو بٽڻ محدود استعمال لاءِ دستياب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ هڪ پليٽ فارم آهي جيڪو هر روز اربين ماڻهو استعمال ڪندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته ميٽا مسلسل ان ۾ نوان فيچرز شامل ڪري رهيو آهي. مثال طور، فيچرز جهڙوڪ نامناسب پيغامن جي رپورٽ ڪرڻ يا اڻڄاتل نمبرن تان ڪالون خاموش ڪرڻ، تازو وقتن ۾ متعارف ڪرايون ويون آهن. پر هاڻ هن ميسيجنگ ايپ پهريون ڀيرو موڪليل پيغامن کي ايڊٽ ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرايو آهي. فيچر في الحال اينڊرائڊ، آئي او ايس ۽ ويب جي بيٽا ورزن تي سڀني صارفين لاءِ موجود آهي، پر عام ماڻهن تائين پهچڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو. پر نئين اپڊيٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايڊٽ بٽڻ جو فيچر تمام جلد هر ڪنهن لاءِ دستياب هوندو. هن فيچر ذريعي، صارف ان کي موڪلڻ کان پوء 15 منٽن اندر پيغام کي تبديل ڪرڻ جي قابل هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو