سجاول ( ڊ ر ) ڊپٽي ڪمشنر سجاول شھريار گل ميمڻ چيو آهي ته والدين پنهنجي پنج سال جي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪن تعليم ھر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ تعليم جي زيور سان پنهنجي ٻار کي آراسته ڪن. اھڙين ڳالھين جو اظهار ھن دربا ھال سجاول ۾ ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ جي مھم جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظھور علي مري ،ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو حبيب ﷲ وڳڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر، تعليم کاتي جا عملدار پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جا عھديدار ۽ مختلف اين جي اوز جا نمائنده پڻ شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڪمشنر چيو ته تعليمي پسماندگي ۽ جھالت جي تاريڪين مان قوم کي ڪڍڻ لاءِ نئي نسل کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ضروري آهي. ھن چيو ته تعليم انسان جي ٽي اک آهي اسان سڀني جو مقصد اھو ھجڻ کپي ته ٻار اسڪول کان ٻاھر نه ھجن ۽ ھو تعليم حاصل ڪن. ڊپٽي ڪمشنر تمام والدين تي زور ڏيندي اپيل ڪئي ته ھو پنھنجي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪري تعليم جي زيور سان آراسته ڪن ته جيئن ٻار تعليم حاصل ڪري پنهنجي والدين جو سھارو بڻجڻ سان گڏ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ھن چيو ته ھن مھم ۾ تمام کاتن جا عملدار، والدين، سياسي، مذھبي جماعتون، صحافي ۽ فلاحي تنظيمون تعليم کاتي سان گڏجي ھن قومي فريضي ۾ پنھنجا تمام وسيلا ڪتب آڻي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھريار گل ميمڻ ضلعي جي تمام اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي ته ھو پنھنجي آفيسن ۾ ھن قسم جون گڏجاڻيون منعقد ڪري تعليم کاتي ۽ ٻين کاتن جي عملدارن سان ملي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ بابت جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ڪوبه ٻار اسڪول ۾ داخل ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان رھجي نه وڃي.










