هٿيار ۽ شراب برآمدگي ڪيس: علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ رد

هٿيار ۽ شراب برآمدگي ڪيس: علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خلاف هٿيار ۽ شراب جي وصولي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن کان پوءِ عدالت سندس گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.علي امين گنڊاپور خلاف هٿيار ۽ شراب جي وصولي ڪيس جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، اسلام آباد ۾ ٿي.عدالت علي امين گنڊاپور جي ضمانتي کي ڏنل شوڪاز نوٽيس به واپس وٺي ڇڏيو.ياد رهي ته ان کان اڳ خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هٿيار ۽ شراب جي وصولي ڪيس ۾ اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وقت گهريو هو.دفاع جو وڪيل ظهور الحسن عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته توهان جي حڪم جي اڄ تعميل ڪئي ويندي، کيس ڪجهه وقت ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو