ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آئي سنڌ جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪراچي جي ميئر جي چونڊ جي حوالي سان پنهنجي ٻيهر وائرل ٿيندڙ پراڻي وڊيو تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته الائي ڪيئن اڄ سج ڪٿان اڀريو آهي ۽ ابتي گنگا وهي رهي آهي پيپلزپارٽي جي سوشل ميڊيا تان حليم عادل شِخ جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي هي منهنجي وڊيو ٻه اڍائي مهينا پراڻي آهي جيڪا مڪاني چونڊن کان پوءِ جي هئي جڏهن ڪراچي جي ميئر لاءِ ڪوئي فيصلو پارٽي نه ڪيو هو مڪاني چونڊن ۾ اسان جو مينڊيٽ کسيو ويو هو ۽ ڪو فيصلو نه ٿيو هو ته اسان کي ڪنهن کي سپورٽ ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن کي سپورٽ نه ڪرڻو آهي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته چيئرمين عمران خان جي هدايت تي پي ٽي آئي ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان جي غير مشروط حمايت جو فيصلو ڪيو جنهن جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ انهي حوالي سان مان گزريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي هدايتنامو جاري ڪري ڏيو آهي افسوس جو ڪجهه صحافي به هن ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ منهنجي سنڌ اسيمبلي آفيس جي پراڻي وڊيو کي هلائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن افسوس آهي ته فسطائيت عروج تي اهي ڏنڊي ۽ ڪوڙ جي زور تي ڪراچي جو ميئر کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ ويندڙ پارٽي اڳواڻ اڪرم چيما کي گرفتار ڪيو ويو آهي اسان جي چيئرمين سان جيڪو ٿي رهيو اهي اهو سڀني کي پتو آهي زور ۽ زبردستي پوري پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي جيڪڏهن پيپلزپارٽي کي طاقت جي زور تي ميئر آڻڻو آهي ته اسان ڇا ٿا ڪري سگهون اهڙي قسم جو ڏاڍ سڄي ملڪ ۾ هن وقت ٿي رهيو آهي.










