ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل ايندڙ مهيني (آگسٽ) کان ANDROID 4.4 KITKAT لاءِ PLAY SERVICES جي سپورٽ ختم ڪري رهي آهي. ANDROID جو هي ورجن آڪٽوبر 2013 ۾ متعارف ڪرايو ويو.گوگل موجب KITKAT ورزن 1 سيڪڙو کان گهٽ فعال ڊوائيسز استعمال ڪري رهيا آهن . تنهن ڪري، ڪمپني مستقبل ۾ KITKAT کي سپورٽ نه ڪندي. PLAY SERVICES خاص طور تي API ليول 19 ۽ 20 لاءِ سپورٽ ختم ڪري رهي آهي. API 20 خاص طور تي ANDROID ويئر جي شروعاتي رليز لاءِ مخصوص ڪيو ويو. آخري دفعو گوگل ANDROID JELLY BEAN 4.3-4.1 (API ليول 16-18) لاءِ پلي سروسز سپورٽ کي 2021 ۾ ختم ڪيو هو ۽ ان وقت کان وٺي ANDROID 4 جا سڀئي ورزن رسمي طور بند ڪيا ويا آهن.










