طفيل مگسي
اڳوڻي حڪومت جي خاتمي کانپوء ڪنهن حد تائين ملڪ جي بيوس.لاچار.ڏٺڙيل.مسڪين.لاچار.بکن جي ماريل .تڪليفن جي پيڙھيل ۽ ڊپريشن جي شڪار عوام کي اٽي ۾ لوڻ برابر اميد هئي ته ايندڙ نگران (عرف نادان)حڪومت عوام جي اهنجن کي گهٽائڻ جي لاء ڪي نه ڪي ڪوششون ضرور ڪندي.ليڪن اها اميد ته پوري نٿي بلڪ ويتر سڀ ڪجه ڀسم ٿيندو پيو وڃي.اسان اهو تصور به نه ڪيو هو ته ايندڙ حڪومت جو نگران وزيراعظم ايترو ته بيوس ۽ گڏو هوندو ته عوامي سطح تي ڪنهن ڪنهن به قسم جو ريليف ڏيڻ کان لاچار رهندو.هڪ ته آئي ايم ايف حڪومت جا خبر ناهي ته هٿ پير ٻڌي رکي ٿي.ٻيو حالتون به ائين ڏيک ڏين ٿيون ته هن نگران حڪومت کان ڪنهن به قسم جي ڀلائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھي.بقول خزاني جي وزير جي ته پاڪستان جي معاشي حالت اسان جي اندازي کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آھي(شايد اميرن جي لاء نه بلڪ غريبن جي لاء) حالانڪ1.2بلين ڊالرز جو قرض به آئي ايم ايف کان ورتو ويو آھي.جيڪو معاهدي جي مطابق ٽن قسطن ۾ پاڪستان جي حوالي ڪئي ويندي.جنهن جي هڪ قسط اڳوڻي حڪومت وٺي ڪري خبر ناهي ته ڪٿي خرچ ڪري وئي يا پاڻ سانبگڏ کڻي وئي.ٻي قسط وعدي جي مطابق نگران حڪومت کي جاري ٿيڻي آھي۽ ٽين قسط اليڪشن اچڻ کانووء ايندڙ ۡحجومت کي ڏني ويندي.اهو معاهدو جيئن ته اڳوڻي حڪومت جي دوران ٿيو.ليڪن اهو ته ايترو ظالماڻو غريب عوام دشمن معاهدو آھي ته هن اچڻ وارين حڪومتن کي به پابند ڪري ڇڏيو آھي.جنهن جو سڀ کان وڏو مثال اهو آھي ته بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي خلاف عوامي ردعمل جي باوجود حڪومت عوام کي ڪو ريليف ڏيڻ کان بيوس ۽ لاچار آھي.ڇاڪاڻ ته ان رعايت کي آئي ايم.ايف نه صرف رد ڪري ڇڏيو آھي.بلڪ هن ڳالھ تي به زور ڏنو آھي ته حڪومت معاهدي جي سمورن شرطن تي عمل کي يقيني بڻائيندي.
هاڻي ان لفظ “يقين“۾ ڇا ڪجه لڪل آھي يا پوء ان جي پردي جي پٺيان ڇا آھي ته حڪومت پنهنجي عوام کي ڪنهن به قسم جي سهوليت ڏيڻ کان مجبور آھي.بجلي جي قيمتن ۾ مسلسل واڌارو ۽ هڪ عام ماڻھو جي بجلي جو بل غير يقيني حد تائين واڌاري سان گڏ اچڻ ھڪ غير معمولي ڳالھ آھي.
ٻڌو آھي ته آئي پيز جي مالڪن ۾ اسان جا سياستدان به شامل آھن.۽ اهو حصو واري ڳالھ آھي.وات کي رت لڳي وڃي يا مفت جو شراب .انهن کي ڇڏڻ تمام مشجل هوندو آهي.وري خدا ئي چاڻي مظلوم پاڪستاني قوم جي رت ۾ ڪجڙو ذائقو آھي ته عوام جي ٽيڪس تي پلجندڙ سياستدان ۽ بيوروڪريسي ڏينهون ڏينهن تڙنگي ۽ تڳڙي رهي آھي۽ عوام ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ سڪي پاٺو ٿي رهيو آھي.
نگران حڪومتن جون پنهنجيون مجبوريون آھن.انهن جو ڪم ته اليڪشن ڪرائڻ آھي.ليڪن هن ڀيري هڪ خاص بل جي وسيلي ان کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آھن ته اها ملڪ وقوم جي مفاد ۾ ڪو بهتر فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ھوندي.ليڪن منهنجو قطعي يقين ناهي ته اهي ماڻھو عوامي ڀلائي جي لاء ڪو بهتر ڪم ڪري سگهندا.بلڪ لڳي ته ائين ٿو ته نگران حڪومت کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي ته اها ڪيئن به ۽ ڪهڙي به صورت ۾ عوام جو رت نپوڙي ۽ سندس ماس کي به پٽي هڏائين پڃري ۾ تبديل ڪري.جنهن تي هو عمل پيرا آھي.اسان جي نگران حڪومت صرف بجلي جي بلن جي ادائيگي قسط جي شڪل ۾ رعايت ڏني آھي يعني جن 400 يونٽ بجلي استعمال ڪئي آھي.ان بل جو ڇوٿون حصو ادا ڪرڻ کانپوء وري سپٽمبر جي بل سان گڏ 1.50روپيا وڌاري سان گڏ آڪٽومبر مهيني ۾ ادا ڪرڻو آھي.ڇا انهيء کي حڪومت جي طرف کان رعايت چئجي يا غريب عوام جي مٿان ٻه منهين تلوار رکي وئي آھي.
نگران حڪومت جو فرض آھي ته اها بجاء ھن ملڪ جي غريب عوام.جي اهنجن ۾ واڌارو ڪرڻ جي انهن ڪرپٽ سياستدانن.بيوڪريسي ۽ اشرافيا جي خلاف سخت کان سخت قدم.کڻي جننهن ملڪ جي گذريل 75 سالن کان لتاڙ ڪئي آھي ۽ ھن جي 90 سيڪڙو آمدني سندن ملڪي توڙي غير ملڪي اڪائونٽن ۾ جمع آھي.جنهن کي واپس ڪرائي هن ملڪ تي احسان ڪري ۽ ھتي رهندڙ غريب آبادي جي سورن.دردن.اهنجن ۽ تڪليفن جو علاج ڪري.ڇاڪاڻ ته اهي غريب ئي ملڪن جا محافظ ھوندا آھن.پر جي انهن غريبن جي مالڪي نٿي ته دنيا جي تاريخ گواه آھي ته اهي جڏھن بک .غربت.ڊپريشن.نفانفسي ۽ بدحالي جو ور چڙھيا ۽ ستم.متان ستم.سهي جڏھن چوديوارين کان ٻاهر نڪتا ته دنيا جي فاتحن جي فرار ٿيڻ جا رستا به بند ڪري ڇڏيائون.










