نوري آباد (ن س) نوري آباد ويجھو موٽروي روڊ تي ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت جڏھن ته 20 کان مٿي زخمي ٿي پيا، لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڪراچي کان مانسھره ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور رانا ساجد ۽ عابد علي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته عورتن مردن سميت 10 کان مٿي مسافر شديد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مشتاق، خوشي محمد، عظيم، عاقب، نيلم، حادات بيبي صدور خانم، نائلا، ساجدہ ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا جن کي ريسڪيو 1122 ٽيم پاران طبي امداد ڏيئي اسپتال منتقل ڪيو، جڏھن ته ٻيو حادثو نوري آباد ويجھو ھسڪول پمپ وٽ صبح سوير پيش آيو جتي موٽروي روڊ تي اوسته محمد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ مسافر بس ۾ سوار 12 مسافر شديد زخمي ٿي پيا زخمين ۾ محمد وارث، دودا خان، محمد اقبال، قاسم حيدر، ممتاز علي، نثار علي، اللہ رکيو، مشتاق احمد، غلام ياسين، دادلي، پري ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا جن کي ريڪسيو 1122 جي رضاڪارن طبي امداد ڏئي کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جن مان چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي،










