نوجوان کي ضبط ڪيل جهاز واپس، حڪومت پاران سندس جنون جي تعريف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شهري هوابازي جي وزارت جي سيڪريٽري شاهه رخ نصرت جي مداخلت تي پنهنجي وسيلن مان ننڍو هوائي جهاز ٺاهيندڙ محمد فياض کي ضبط ڪيل جهاز واپس ملي ويو. حڪومت سندس جنون ۽ مهارت جي تعريف ڪندي کيس تربيت ڏيڻ ۽ تعاون جي به خاطري ڪرائي آهي. پاڪ پتن جي نوجوان محمد فياض جيڪو شهيد راشد منهاس کان سخت متاثر هو، جنگي پائلٽ بنجڻ جو خواهشمند هو. مجبوري سبب تعليم ته جاري نه رکي سگهيو پر پائلٽ بڻجڻ جي شوق ۽ جنون هن کي پنهنجو جهاز تيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو. مختلف ويڊيوز ڏسي هن هڪ ديسي ۽ ننڍو جهاز تيار ڪيو ۽ جڏهن اڏام جي ڪوشش ڪئي ته رنگ شاهه ٿاڻي وارا سندس فلائنگ مشين کڻي ويا ۽ ڪيس داخل ڪري کيس بند ڪري ڇڏيو. ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد جڏهن حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي ته هن جي حوصله افزائي بدران کيس جيل ۾ وجهڻ غلط آهي ته حڪومت مداخلت ڪندي کيس مشين واپس ڪرائي آهي. سول ايوي ايشن جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته نوجوان جي فلائنگ مشين جو حڪومتي ماهر معائنو ڪندا ۽ ضروري ڪاروائي کانپوءِ کيس اڏام جي اجازت ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو