دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف لنڊن کان دبئي پهچي ويو. ن ليگ اڳواڻ جو 3 کان 4 ڏينهن دبئي ۾ ترسڻ جو امڪان آهي.دبئي ۾ رهڻ کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب روانو ٿيندو.ياد رهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز به خانگي دوري تي دبئي روانو ٿي وئي آهي، سندس خاندان جا ٻيا ميمبر به ساڻس گڏ آهن. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز پنهنجي خاندان سميت دبئي پهچي وئي.مريم نواز اڄ لاهور ايئرپورٽ تان پروٽوڪول کانسواءِ دبئي روانو ٿي وئي.مريم نواز وي وي آءِ پي پروٽوڪول ۽ اسٽيٽ لائونج جو استعمال نه ڪيو ۽ ان موقعي تي لاهور ايئرپورٽ تي مسافرن ساڻس تصويرون ۽ سيلفيون ورتيون.لاهور ايئرپورٽ تي مريم نواز جنرل مسافر لائونج ۾ ڪرسي تي ويٺي هئي.ان حوالي سان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته مريم نواز شريف خانگي دوري تي دبئي روانو ٿي ويو آهي.لاهور ايئرپورٽ تي مريم نواز جنرل مسافر لائونج ۾ ڪرسي تي ويٺي هئي.ان حوالي سان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته مريم نواز شريف خانگي دوري تي دبئي روانو ٿي ويو آهي.










