ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار نوازالدين صديقي جي گهر واري عاليه صديقي پنهنجي مڙس خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪري مٿس ٻارن کي اغوا ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.عاليه صديقي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هوءَ ناراض نظر اچي رهي آهي ۽ عاليه نواز الدين صديقي کي بدتميز قرار ڏيندي چيو آهي ته ”توهان ڪيترا به ماڻهو پنهنجي پئسن سان خريد ڪري، منهنجا ٻار مون کان کسي نٿا سگهن“.وڊيو ۾ اداڪارا جي زال چيو ته منهنجي ٻارن کي مون کان پري ڪيڏانهن وٺي ويندي؟ منهنجا ٻار ڇا سان گڏ رهندا؟ منهنجي ٻارن کي به خبر ناهي ته پيءُ ڇا آهي؟










