لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس نوازشريف جي مسلم ليگ (ن) صدر طور بحالي جي درخواست تي اعتراض لڳائي ڇڏيو رجسٽرار آفيس طرفان لڳايل اعتراض ۾ چيو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سپريم ڪورٽ نااهل ڪيو لاهور هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي هن کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي مسلم ليگ (ن) جي صدر طور بحالي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي درخواست آفاق احمد ايڊووڪيٽ داخل ڪئي درخواست ۾ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان، عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد، اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان جي وزيراعظم کي ڌر بڻايو ويو درخواست ۾ موقف ڏنو ويو ته 2017 ۾ نوازشريف کي قومي اسيمبلي مان نااهل ڪيو ويو عمران خان ۽ شيخ رشيد نوازشريف کي پارٽي جي اڳواڻي تان هٽائڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي درخواست گذار موقف ڏنو ته 2018 ۾ سپريم ڪورٽ نوازشريف کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اين اي 95 ۾ ميانوالي مان عمران خان کي نااهل ڪري ڇڏيو آهي پر پي ٽي آئي چيئرمين کي پارٽِ سربراهي تان ناهي هٽآيو ويو درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته عدالت نوازشريف پارٽي صدارت تي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض لڳائي ڇڏيو ۽ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سپريم ڪورٽ نااهل ڪيو لاهور هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي.










