ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس جي اڄوڪي اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته مئي 2024ع ۾ ميرپورماٿيلو ۾ قتل ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي وارثن ۽ سندس وڪيلڪميشن جي چيئرمين کي لکت ۾ درخواست ڏني آهي. ھنن شديد سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪنديٻڌايو آهي ته ميرپورماٿيلو ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران مختلف طريقن سان خوف ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول پيدا ڪري وارثن ۽ وڪيل کي هراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اتي ڪيس جي پيروي ڪرڻڏکيوٿي رهيو آهي. تنهن ڪري هنن درخواست ڪئي آهي ته ڪيس کي سکر ڊويزن کان ٻاهر حيدرآباد يا ڪراچي منتقل ڪيو وڃي۔ڪميشن جي ميمبرن هن معاملي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي فيصلو ڪيو ته وارثن جي درخواست تي عمل ڪندي گهرو کاتي کي ڪيس جي منتقلي لاءِ خط لکيو ويندو۔ڪميشن جي ايڪٽ ۾ ترميمن بابت اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته تجويز ڪيل ترميمن واري مسودي تي قانون واري کاتي، گهرو کاتي، سروسز کاتي ۽ چيف سيڪريٽريءَ طرفان جائزو وٺڻ بعد انفارميشن کاتي کي مسودي تي ٻيهر غور ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي۔ ان سلسلي ۾ ڪميشن فيصلو ڪيو ته معاملي کي خوش اسلوبي سان نبيرڻ لاءِ سيڪريٽري انفارميشن جي سربراهيءَ ۾ هڪڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري گهرو کاتو، ڊاڪٽر توصيف احمد خان، مظهر عباس ۽ مقصود يوسفي شامل هوندا، جيڪا تجويز ڪيل ترميمن کي حتمي شڪلڏيڻ لاءِ ڪمڪندي۔ان کانسواءِ چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته هلال پاڪستانٺٽو جي رپورٽر محمد پيرل ملاح 2 جولاءِ تي ٿيل ايگزيڪيوٽوڪميٽي جي اجلاس ۾ پنهنجي ڪيس بابت تفصيل پيش ڪيا هئا، جنهن تي ايگزيڪيوٽوڪميٽيءَ شفاف جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو۔ ان سلسلي ۾ گهرو کاتي ڏانهن جوڊيشل انڪوائري لاءِ خط لکيو ويو آهي، جڏهن ته گهرو کاتي جي نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته ان معاملي تي ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي۔ڪميشن ميرپورماٿيلوجي صحافي طفيل رند جي ڪيس بابت سڀ رپورٽن جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ته جنهن اخبار لاءِ هو ڪمڪندو هو، ايندڙ اجلاس ۾ ان جي ايڊيٽر کي وڌيڪ بريفنگ لاءِ سڏايو ويندو۔ڪميشن اهو پڻ فيصلو ڪيو ته عوامي آگاهي لاءِ ڪميشن جي ڪارڪردگي کي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ خاطر سالياني رپورٽن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو۔ ان مقصد لاءِ ڊاڪٽر توصيف احمد خان جي سربراهي ۾ پبليڪيشنڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ مظهر عباس ۽ سعيد ميمڻ شامل هوندا۔اجلاس سنڌ آرڪائيوز ۾ چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ جي صدارت هيٺٿيو۔ اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيومن رائٽس علي گل سنجراني، اسپيشل سيڪريٽري قانون اسدالله ڀٽي،ڊپٽي سيڪريٽري گهرو کاتو فتح علي راهمون، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس مان مظهر عباس، هيومن رائٽسڪميشن آف پاڪستان مان ڊاڪٽر توصيف احمد خان، ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپر ايڊيٽرز مان مقصود يوسفي، سيڪريٽري انفارميشن جي نمائندگي ڪنديڊائريڪٽر انفارميشن محمد عمران الذنون، ۽ ڪميشن جو سيڪريٽري سعيد ميمڻ شرڪت ڪئي۔










