خيرپورناٿن شاهه(رپورٽ برڪت علي چانڊيو)سٽي پريس ڪلب ۽ نشتر ناٿن شاهي اڪيڊمي جي سهڪار سان احساس پبليڪيشن حيدرآباد پاران “نشتر ناٿن شاهي “جي عنوان هيٺ ڪميونٽي سينٽر ۾ ٻه ڏينهن وارو ڪتابي ميلو منعقد ڪيو ويو.ڪتابي ميلي ۾ شھر جي سياسي ، سماجي. شاعر، اديب، ليکڪ.وڪيل برداري، صحافين، مهراڻ اسڪول جي شاگردن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪتابي ميلي جو افتتاح ايڊوڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو، واپاري اتحاد جي صدر اعجاز علي سومرو، سٽي پريس ڪلب صدر عمران حسن بلوچ ۽ اسڪول جي شاگردن ڪيو. آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪ جي تحفن سان نوازيو ويو ڪتابي ميلي ۾ سينيئر صحافي نظيرميراڻي وڪيل وزير علي لاکير، ڪي ڪي ڏيرو، امين مشوري، اعجاز سومرو، ۽بٻين ساڃاھ وندن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪتاب انساني تاريخ جو اثاثو آھي جن سان انساني تاريخ ، تهذيب، مذھب ، سماج۽ معاشتي معاملن سميت گذريل وقت جو هڪ دستاويز آھن ،جيڪڏھن دنيا کي ترقي ۽ ڪاميابيون مليون آھن ، انهن جي پويان ڪتابن جو تعلق آھي انهن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته ڪنفيو سيشن جو قول آھي ته، هڪ سال لاء سوچيو ٿا ته ٻج ڇٽيو، جيڪڏھن ڏھن سالن لاء ٿا سوچيو ته هڪ ٻوٽو لڳايو، جيڪڏھن سئو سالن تائين سوچيو ٿا ته قوم کي سائنسي ۽ جديد تعليم ڏيو. ان موقعي تي نشتر ناٿن شاهي سميت ٻين ناليواري مشهور شاعر ۽ اديب کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪتابن جي مطالعن سان علمي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، نوجوان شاگردن کي گهرجي ته ڪتابن جي مطالعي طرف توجهه ڏين، ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته موجوده دور ۾ اھڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن ، جنهن سان اسانجا نوجوان ڪتابن جي جهان کان واقف رهن. ڪتاب تاريخ جاگرافيائي سياسي سائنسي ڄاڻ ۾ وڏا مددگار ثابت ٿيندا آهن، ۽ آيل ساڃاھ وندن پاران “سٽي پريس ڪلب” جي اھڙي ڪم کي پڻ ساراهيو ويو.










