لاهور (ويب ڊيسڪ)عدالت پنجاب پوليس جي ترجمان جي حساس اداري جي آفيسر تي تشدد ڪيس ۾ جوابدار ناياب حيدر ۽ سندس پٽ کي وڌيڪ 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن کي پهريان 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو هو، هاڻي جوابدار ناياب حيدر ۽ سندس پٽ وٽان پستول هٿ ڪرڻو آهي.پوليس موجب، حساس اداري جي زخمي اهلڪار جي مڪمل ميڊيڪل رپورٽ جو انتظار آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن عيد دوران حساس اداري جي اهلڪار تي تشدد ڪيو ۽ کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پوليس موجب جوابدار ناياب حيدر سميت 6 نامزد ۽ 15 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










