نامور اداڪارائن کي سندن والد ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏي ڏنو هو: بشريٰ انصاري

نامور اداڪارائن کي سندن والد ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏي ڏنو هو: بشريٰ انصاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) نامور پاڪستاني سينيئر اداڪاره ۽ ميزبان بشريٰ انصاري جو چوڻ آهي ته اسان جي انڊسٽري جي ڪجهه مشهور اداڪارائن کي سندن والد ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏي ڏنو هو.بشريٰ انصاري اداڪاري سان گڏوگڏ يوٽيوب تي باقاعدگي سان وي لاگنگ ڪندي آهي ۽ پنهنجي ڊيجيٽل پليٽ فارم تان مختلف سماجي ۽ شوبز موضوعن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي رهندي آهي.هن پنهنجي تازو ئي جاري ڪيل وي لاگ ۾ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي انهن اداڪارائن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جيڪي مبينا طور تي ننڍپڻ ۾ پنهنجن والدين پاران نظرانداز ٿيڻ يا ڇڏي ڏيڻ کانپوءِ ميڊيا انڊسٽري ۾ آيون. اداڪاره ڪنهن جو به نالو کڻڻ کانسواءِ پنهنجي تازي وي لاگ ۾ ڳالهائيندي انهن اداڪارائن جو ذڪر ڪيو آهي جن ننڍپڻ ۾ والد جي غير موجودگي يا خانداني ڀڃڊاهه (ٽوٽ ڦوٽ) سبب مشڪلاتن جو سامنا ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي محنت سان شوبز ۾ هڪ نمايان مقام حاصل ڪيو. هن چيو ته “مان نالو نه پئي کڻان، پر اسان جي انڊسٽري جون ڪيتريون ئي باصلاحيت ۽ ڪامياب اداڪاريون اهڙيون آهن جن کي ننڍپڻ ۾ سندن والد ڇڏي ويا هئا، اهي پنهنجي مائرن سان گڏ مائٽن جي گهرن ۾ رهيون، مشڪلاتون برداشت ڪيون ۽ بعد ۾ محنت ڪري نمايان مقام ماڻيو، ڪجهه ته شاديون پڻ ڪري چڪيون آهن.” بشريٰ انصاري چيو ته “مان سمجهي نٿي سگهان ته ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن کي ڪيئن ڇڏي سگهي ٿو، ڇا اهي پنهنجي ڌيئرن بابت ناهن سوچيندا؟ ڇا اهي ناهن ڏسندا ته سندن ٻار اڳتي وڌي رهيا آهن، پر پوءِ به محبت ۽ توجهه ناهن ڏيندا؟ اهو صرف ان ڪري ٿيندو آهي جو سندن پنهنجي زالن سان ناراضگي هوندي آهي، اهڙا والدين پنهنجي ٻارن ڏانهن موٽي ناهن ڏسندا، الله اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيندو.” اداڪاره جي ان بيان سوشل ميڊيا تي مختلف راين کي جنم ڏنو آهي، جتي واهپيدار (صارفين) هن موضوع تي مختلف انداز ۾ پنهنجو ردعمل ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو