نااهلي ڪيس فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش

نااهلي ڪيس فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) تحريڪ انصاف جو اڳواڻ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو اليڪشن ڪميشن ۾ فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ داخل درخواست ۾ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل جهانگير جدون چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته  نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪوڙو حلف نامو ڏنو ويو. نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال کان پوءِ ٻٽي شهريت ڇڏي وئي. ڪنهن بي ايمان شخص کي پارليامينٽ ۾ ڪيئن وڃڻ  ڏئي سگهجي ٿو.جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر سوال ڪيو ته ٻٽي شهريت جي  خاني ۾ ناقابل اطلاق ڇو ڇڏيو ويو؟ ان تي فيصل واوڊا چيو ته هي هڪ سياسي ڪيس آهي. ميڊيا ٽرائل آهي ۽ مخالف وڪيل غلط بياني ڪري رهيو آهي. مخالف وڪيل نوازشريف جي نمائندگي ڪندا آهن. تحريڪ انصاف اڳواڻ جي جواب تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته اوهان سوال جو جواب ڏيڻ نٿا چاهيو. اوهان نامزدگي ڪاغذن ۾ اهم ڪالم خالي ڇڏيا. هڪ ٻئي ميمبر الطاف ابراهيم چيو ته اوهان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيو، جتي قانون بڻجندا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي دستاويزن جي روشني ۾ ئي ڪيس ڏسنداسين. ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي ڇا پهرين ڪا روايت يا مثال آهي؟ جتي جي هي سينيٽ ۾ نمائندگي ڪندو آهي ان جي نمائندگي کان کيس روڪيو وڃي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل استدعا ڪئي ته فيصل واوڊا جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ هي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيندا. ان لاءِ عبوري ريليف  ڏيندي فيصل واوڊا جي ڪاميابي جو  نوٽيفڪيشن روڪيو. ان تي الطاف ابراهيم چيو ته هاءِ ڪورٽ  جو فيصلو اکين تي ائين ناهي ته ان تي عمل نٿا ڪري سگهون. اوهان جي عبوري ريليف جي معاملي کي پوءِ ڏسي وٺنداسين. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پڇيل 3 سوالن جو لکت ۾ جواب ڏيو. ان کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته فيصل واوڊا قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ هو سنڌ مان سينيٽر چونڊجيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو