لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو سنڌ جي ناليواري مشهور صوفي بزرگ سلسله عاليه نقشبنديه جي عظيم پيشوا حضرت پير مٺا سائين رح جو 58 هون ساليانو عرس مبارڪ مزار جي سامهون درگاهه رحمت پور شريف لاڙڪاڻو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي. ملڪ خاص ڪري سنڌ جي امن سلامتي، خوشحالي ترقيءَ لاءِ دعائون گهريون ويون. لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور محلي ۾ واقع مشهور نقشبندي سلسلي جي ڪامل بزرگ هستي حضرت قبله محمد عبدالغفار المعروف پیر مٺا سائين رح جو 58 هون ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويو. جنهن گادي نشين پير عبدالغفار جان نقشبندي خصوصي خطاب ڪندي چيو ته عشق رسول اللہ ﷺ کان سواءِ زندگي فضول آهي. اسان جي محبت جو مرڪز مدينو آهي. جنهن شريعت مطهره جو لحاظ رکيو ۽ سنت مبارڪ تي قائم رهيو انهي دنيا آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. عرس جي تقريبن کي صاحبزادہ خليل الرحمان سهڻا سائين، صاحبزادہ محمد معصوم نقشبندي خطاب ڪندي چيو ته الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ والدين جو ادب احترام ۽ انهن جون دعائون وٺو. انهيءَ موقعي تي علامه عبدالوهاب جتوئي، علامہ محمد ابراهيم خليلي، حافظ محمد قاسم خليلي، علامہ عبدالرب سنڌي ،پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد عباسي، سيد محمد شاھ غفاري، سيد ذيشان حيدر شاهه، فقير محمد حسن سولنگي، علامه محمد اسحاق خليلي، علامہ عبدالغفور غفاري ۽ عالمن خطاب ڪندي چيو ته حضرت پير مٺا سائين رح جي شخصيت پوري سنڌ پاڪستان نه پر پوري دنيا جي حوالي سان رشد و هدايت جو کليل سرچشمو آهي. عرس مبارڪ ۾ عالم اسلام، پاڪستان سنڌ جي امن سلامتي، ترقي خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. جڏهن ته عرس جي موقعي تي سرڪار مدينه ﷺ جي جبي مبارڪ جي به زيارت ڪرائي وئي.










