تحرير : نظير احمد ڀنڀرو
خبر آئي آھي ته ”سنڌ سرڪار ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ پاڻ ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.“ جڏھن پاڪستان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪميشن (PMDC) هوندي هئي تڏھن سنڌ جون ميڊيڪل يونيورسٽيون پاڻ داخلا ٽيسٽ وٺنديون هيون جيڪا اين ٽي ايس (NTS) جي اداري ذريعي ورتي ويندي هئي ۽ ان ٽيسٽ ۾ انگريزي 10، بايولوجي 30، ڪيميسٽري 30 ۽ فزڪس جا 30 سوال ملائي ڪل 100 سوالن جو ٽيسٽ پيپر ورتو ويندو هئو، هر سوال جي جوابن لاءِ 4 اشارا مليل هوندا هئا ۽ صحيح اشاري تي نشان لڳائڻو هوندو هئو ۽ غلط جواب ڏيڻ تي 0.25 مارڪ ڪٽبي هئي، نيگيٽو مارڪنگ سبب صرف ڪنفرم هجڻ جي صورت ۾ 100 سوالن جا جواب 2 ڪلاڪن اندر حل ڪرڻا هوندا هئا ۽ ان طريقي سبب ڪانسيپٽ ڪليئر نه رکندڙ ۽ رٽو هڻندڙ شاگردن جي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ڏکي هوندي هئي، ان ٽيسٽ جي حيثيت 50 سيڪڙو مارڪن برابر هوندي هئي جڏھن ته انٽر جي صرف سائنس وارن مضمونن جي مارڪن جو 40 سيڪڙو ۽ ميٽرڪ جي ڪل مارڪن جو 10 سيڪڙو شامل ڪري 50 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويندو هئو جيڪو اين ٽي ايس جي 50 سيڪڙو حصي سان ملي 100 سيڪڙو ايگريگيٽ ٺاهيندو هئو. پوءِ تبديلي اچي وئي ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪميشن کي ختم ڪري پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ٺاهي وئي جنهن ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلائن جا اختيار صوبن کان کسي وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ پوري ملڪ ۾َ ھڪ ئي وقت ٽيسٽ ٽيسٽ وٺڻ جو تجربو ڪيو ويو، ان ٽيسٽ ۾ پوري ملڪ ۾ پيپر به ساڳيو ئي جاري ڪيو ويندو هئو، جڏھن ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ انٽر جي سائنس جي مضمونن جي ڪورس ۾ ڪافي فرق به آھي پوءِ به اهو ڪم جاري رکيو ويو ۽ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته پوري ملڪ جي شاگردن جي ميرٽ لسٽ ھڪ ئي ٺھندي ۽ ڪامياب شاگردن کي بغير ڪنهن ڊوميسائل کي خاطر ۾ وٺندي صرف ميرٽ تي داخلا ڏني ويندي، هن فيصلي کي ڪورٽ ۾ چيليج ڪيو ويو ۽ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته صوبن جون يونيورسٽيون اڳ ۾ پنهنجي صوبي جي شاگردن کي داخلا ڏينديون ۽ شاگرد/اميدوار موجود نه هجڻ جي صورت ۾ ڪنهن ٻئي صوبي جي شاگردن کي داخلا ڏينديون، ان عدالتي فيصلي سان سنڌ جي شاگردن سان هڪ وڏي ويساگهاتي ٿيڻ جو رستو بند ٿي ويو. سوال اهو آھي ته جڏھن وفاق PMDC کي ختم ڪري PMC جو بنياد وڌو ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ پوري ملڪ جي ھڪ ئي ميرٽ لسٽ ٺاهي ان تحت پوري ملڪ ۾ داخلائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته انھن کان صوبائي خودمختاري ڇو وسري وئي؟ جڏھن هر صوبي ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيون ۽ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل هاسپيٽلز صوبا پاڻ ھلائي رهيا آھن ۽ پاڻ ئي انتظامن ۽ بجٽ جو بندوبست ڪري رهيا آھن ته وفاق کي ڪھڙي تڪليف ھئي جنهن سبب ان صوبن کان صحت جي تعليم جي شعبي جا داخلائن جا اختيار کسي ڇڏيا؟ جيڪو سبب اسان کي سمجهہ ۾ اچي ٿو اهو هيءُ آھي ته وفاق سنڌ جي يونيورسٽين جي تعليم تي پڻ ڌاڙو هڻي انهن ۾ پنهنجي من پسند شاگردن کي داخلائون ڏيڻ پيو چاهي ۽ اهڙي ناجائز خواهش جا دروازا عدالت سڳوريءَ بند ڪري ڇڏيا.
جيڪڏھن اوهان سروي ڪيو ته سنڌ جون خانگي يونيورسٽيون جيڪي داخلائن ڏيڻ لاءِ بلڪل آزاد آھن ۽ انهن ۾ داخلا لاءِ ڊوميسائل جو ڪو شرط موجود ڪونهي انهن يونيورسٽين ۾ اڪثر شاگرد ٻين صوبن جا داخلائون وٺن ٿا، جيڪا پڻ سنڌ صوبي سان وڏي نا انصافي آھي ڇو ته پرائيويٽ ميڊيڪل يونيورسٽين کي سنڌ حڪومت زمين الاٽ ڪرڻ کان وٺي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏيڻ تائين ڪيتريون ئي رعايتون ڏنيون آھن انڪري سنڌ جي خانگي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلائون سنڌ جي شاگردن کي ئي ملڻ گهرجن، بلڪل ايئن جيئن عدالت سڳوريءَ فيصلو ڏنو آھي ته اڳ ۾ سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ سنڌ جي شاگردن کي داخلا ڏني وڃي، اميدوار نه هجڻ ۽ سيٽون خالي هجڻ جي صورت ۾ ڪنهن ٻئي صوبي جي شاگردن کي داخلا ڏني وڃي، اهڙي عدالتي فيصلي تي عمل صرف سرڪاري يونيورسٽين تي ته ٿيو پر خانگي يونيورسٽين ان تي عمل نه ڪيو جيڪا عدالتي فيصلي جي نافرماني به آھي ۽ سنڌ جي شاگردن جي ان سان حق تلفي پڻ ٿي رهي آھي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي صحت کاتي جي منسٽر ميڊم عذرا پيچوهو جيڪو فيصلو ڪيو آھي ته ”سنڌ سرڪار سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ پاڻ ٽيسٽ وٺندي ۽ شاگردن جون ميرٽ لسٽ ٺاهي داخلائون ڪندي.“ جيڪو بهترين فيصلو آھي ۽ ان تي هر حال ۾ عمل ڪرائڻ لاءِ اسٽينڊ پڻ وٺڻ گهرجي ۽ ڪنهن جي دٻاءَ کي خاطر ۾ نه آڻجي ڇو ته اهو تمام نازڪ ۽ سنڌ جي هونھار شاگردن جي مستقبل جو مسئلو آھي، اسان جي صلاح آھي ته ٽيسٽ ۽ ميرٽ ٺاهڻ جو پيٽرن پڻ اهو ئي رکڻ گهرجي جيڪو اڳ ۾ ھوندو هئو، جنهن جو ذڪر مٿي پھرين پيرا ۾ ڪيو ويو آھي.










