ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن هڪ آفت هئي.سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن ۾ 200 ملي ميٽر مينهن پيو.سعديه جاويد چيو ته ڪي ايم سي جو عملو هاءِ الرٽ تي آهي، شهري غير ضروري طور تي گهرن مان نه نڪرن.هن چيو ته هن وقت ٻوڏ جي صورتحال سبب سڄو صوبو هاءِ الرٽ تي آهي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت اين ڊي ايم اي ۽ موسميات جي صلاح مشوري تي غور ڪرڻ کان پوءِ اسڪولن جي موڪلن جو فيصلو ڪندي.










