ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيتوڻيڪ برساتن جو ھاڻوڪو سلسلو سٺي ريت گذري چڪو آهي، پر 11 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ برساتن جي نئين سلسلي لاءِ سمورا لاڳاپيل کاتا ڀرپور تياري ڪن. شهري علائقن ۾ بلدياتي ادارا ۽ ٻھراڙي وارن علائقن ۾ آبپاشي کاتو شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ بروقت اپاءَ وٺي.وڏي وزير جي صدارت هيٺ برساتن جي صورتحال بابت اجلاس آچر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن؛ شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه، چيف ميٽولوجسٽ ڊاڪٽر سرفراز ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيرو ۽ سمورن ڊويزز جا ڪمشنرز زوم ذريعي شريڪ ٿيا.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن سال آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ مينھن وسڻ جي اڳڪٿي آهي، خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.چيف ميٽرولاجسٽ ڊاڪٽر سرفراز وڏي وزير کي ٻڌايو ته برساتن جو ھاڻوڪو سلسلو 6 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو. برساتن جو ايندڙ سلسلو 11 ۽ 13 آگسٽ جي وچ ۾ اچڻ جو امڪان آهي. آگسٽ جي آخري ڏينهن يعني 18، 20 ۽ 21 تي هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي، مجموعي طور تي آگسٽ مھيني ۾ مينھن وسندو رھندو. موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيپٽمبر ۾ به برسات معمول کان وڌيڪ پوڻ جو امڪان آهي. چوماسيءَ جو سلسلو 15 کان 20 سيپٽمبر 2024 تائين جاري رهندو.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور، لاڙڪاڻو، دادو، نوشهروفيروز، نوابشاهه، گهوٽڪي، سکر، سانگهڙ، مٽياري، ڄامشورو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ خيرپور 6 آگسٽ جي شام تائين تيز هوائن سان هلڪي ۽ تيز مينھن وسڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن، حيدرآباد ڊويزن جي حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي هلڪي ۽ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪراچي شهر ۾ 207 هيٺاهين وارا علائقا آهن، ڏکڻ ضلعي ۾ 56، اولهه ۾ 17، سينٽرل ۾ 22، ملير ۾ 32، ڪورنگي ۾ 16، ڪياماڙيءَ ۾ 26 ۽ اوڀر ۾ 38 هيٺاهين وارا علائقا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملير ۾ 1، ڪورنگي ۾ 3، سينٽرل ۾ 7، اوڀر ۾ 5، ڏکڻ ۾ 9، اولھھ ۾ 2، ڪياماڙيءَ ۾ 2 اھڙا ھنڌ آھن جتان پاڻيءَ جي نيڪالي ٿيندي. هن ٻڌايو ته ٽاور، گورنر هائوس، نرسري، اسٽار گيٽ، جناح ٽرمينل، ڪي ڊي اي چورنگي، ڪي ايم سي هيڊ ڪوارٽر ۽ لياقت آباد ۾ ڊي واٽرنگ مشينن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.بحالي واري وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته پي ڊي ايم اي فلڪناز، الله والا ٽائون، قيوم آباد، بلال چورنگي، غريب آباد، ناظم آباد انڊر پاس، لياقت انڊر پاس، سخي حسن چورنگي، ناگن چورنگي، سهراب ڳوٺ، جوهر چورنگي، نرسري. نيشنل اسٽيڊيم، يونيورسٽي روڊ، ڪي پي ٽي انڊر پاس، شاهين ڪمپليڪس، ايس آءِ يو ٽي، سنڌ اسيمبلي، سب-ميرين انڊر پاس، ٽاور، يوسف ڳوٺ، فور ڪي چورنگي، نيٽي جيٽي ۽ گل ٻائي جھڙن حساس ھنڌن تان پاڻيءَ کي نيڪال لاءِ پمپ لڳايا ويا آهن. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سنڌو درياهه جي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته اڄ گڊو بئراج جي صورتحال هيٺين سطح واري ٻوڏ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. هن چيو ته بلوچستان مان برسات جو پاڻي اڃا سنڌ ۾ داخل نه ٿيو آهي، امڪان آهي ته حمل ڍنڍ ۾ ٻوڏ اچڻ کانپوءِ منڇر ڍنڍ جي سطح به وڌي ويندي، پر هن وقت ٻنهي ڍنڍن جي صورتحال معمول تي آهي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي ۾ 0.4 فوٽ پاڻيءَ جو اضافو ٿيو آهي، جيڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ تيز برساتن سبب منڇر ڍنڍ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن سيڪريٽري آبپاشي کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل آفيسرن کي الرٽ ڪن ته جيئن منڇر ڍنڍ جي سطح وڌڻ سان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير ڀان سعيد آباد، جوهي ۽ ٻين هنڌن تي برساتي پاڻي جي نيڪال جون هدايتون پڻ جاري ڪيون










