استبول (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ميزبانن جي درخواست تي افغانستان سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، معاملي سان لاڳاپيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد جيڪو وڃڻ وارو هو، هاڻي وڌيڪ وقت لاءِ استنبول ۾ رهندو. ڳالهين جي عمل کي ٻيهر شروع ڪندي امن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب ڳالهيون پاڪستان جي مرڪزي مطالبي تي ٻڌل هونديون ته افغانستان دهشتگردن خلاف واضح، تصديق ٿيل ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.










