ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره ايوا گروور مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي مٽيلي ڀاءُ حيدر علي خان سان شاديءَ جو دردناڪ تجربو چاهيندڙن سان شيئر ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو دوران ايوا گروور انڪشاف ڪيو ته حيدر ۽ سندس ازدواجي زندگي جو سفر محبت جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي طور شروع ٿيو پر جلد ئي اهو سفر هڪ دردناڪ تجربي ۾ تبديل ٿي ويو.ايوا موجب، هن حيدر سان صرف 18 ڏينهن ڊيٽ ڪرڻ کانپوءِ ئي شاديءَ جو فيصلو ڪري ورتو هو، ڇاڪاڻ ته کيس يقين ٿي ويو هو ته حيدر جي صورت ۾ کيس هڪ بهترين پارٽنر ملي ويو آهي پر حقيقت انهن اميدن جي بلڪل ابتڙ نڪتي. هتي تائين جو ايوا جي والده به مختلف مذهب سان تعلق هجڻ ڪري حيدر سان سندس شاديءَ لاءِ راضي نه هئي، پر ان جي باوجود هن حيدر سان گهر مان ڀڄي شادي ڪئي. ايوا دعويٰ ڪئي ته شاديءَ کان ترت پوءِ ئي مسئلا سامهون اچڻ لڳا، سندس سان حيدر جو رويو سخت جارحاڻو هو ۽ هو پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو نه رکي سگهندو هو، هتي تائين جو کيس ڪيترائي ڀيرا جسماني تشدد جو نشانو به بڻايو ويو جنهن سان سندس ذهني سڪون پڻ متاثر ٿيو. ايوا موجب، هن ڪيترن ئي سالن تائين ان رشتي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڀ بي مانا رهيو ۽ مشڪلاتون وڌنديون ويون. شاديءَ جي 4 سالن کانپوءِ هن ان رشتي کي بچائڻ لاءِ ماءُ بڻجڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان فيصلي سندس مڙس ۾ تبديلي آڻڻ بدران صورتحال کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ايوا موجب، ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ سندس ڌيءَ سندس طاقت بڻجي وئي ۽ هن فيصلو ڪري ورتو ته هوءَ هاڻي وڌيڪ اهو سڀ برداشت نٿي ڪري سگهي. اداڪاره وڌيڪ چيو ته ان احساس ئي کيس زندگي جي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين سر تعمير لاءِ اهم فيصلي جي ترغيب ڏني، جنهن کانپوءِ دوستن، ساٿين (ڪوليگز) ۽ فيملي جي سهڪار سان هوءَ ان رشتي کي ڇڏڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلي حاصل ڪري سگهي.










