لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا مومنه اقبال جي شادي جي حوالي سان گردش ڪندڙ خبرن جي وچ ۾ هڪ اهم پيش رفت سامهون آئي آهي.
اداڪارا جي ويجهي ساٿي حمزه حبيب تصديق ڪئي آهي ته ٻنهي جي شادي ٻه ڏينهن اڳ ٿي هئي ۽ هاڻي هو صرف منگيتر نه پر مومنا اقبال جو مڙس آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه حبيب چيو ته، “خدا جو شڪر آهي ته اسان جي شادي مڪمل ٿي وئي آهي. مومنه اقبال هاڻي منهنجي قانوني زال آهي.” هن چيو ته هو پنهنجي زال جي حفاظت ۽ عزت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.ٻئي طرف، لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه حبيب کي حفاظتي ضمانت ڏني ۽ کيس پهرين جون تائين لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جهنگ پوليس ثاقب چڌڙ نالي هڪ شخص کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.عدالت کان ٻاهر ڳالهائيندي حمزه حبيب ڪيس کي سياسي ۽ بي بنياد قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته مٿس دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ثاقب چڌڙ ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس مومنه اقبال کان عليحدگي جي بدلي ۾ مالي فائدا ڏيڻ جي آڇ ڪئي.حمزه حبيب جذباتي انداز ۾ چيو ته، “مومنا منهنجو اعزاز آهي، منهنجي زال آهي، ۽ هوءَ منهنجي شينهن آهي.” سندس بيان کان پوءِ، سوشل ميڊيا تي مداحن طرفان نئين شادي شده جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ دلچسپ تبصرن جو سلسلو شروع ٿي ويو.










