ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ساگر پارٽي جي باني اڳوڻي چيئرمين برک عالم مرحوم مولانا عزيز الله ٻوهيو جي 76هين سالگرهه جون تقريبون سنڌ ۽ اسلام آباد م منعقد ڪيون ويون. اسلام آباد ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ امين سنڌي جي رهائشگاهه (G-10) جي 10 اسلام آباد ۾ ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو۔ پروگرام جي شروعات حافظ عبدالله مالڪ تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي. سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جي چيئرمين عبدالمومن ميمڻ چيو ته مولانا عزيز اللّٰه ٻوهيو وڏي علمي ۽ همه گير شخصيت جو مالڪ هو ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍائين تي هر وقت آواز بلند ڪندو هو هن چيو ته عزيز اللّٰه ٻوھيو جڏهن جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جو جنرل سيڪريٽري هو ته هن سنڌ ۾ ڌارين ۽ پناهگيرن جي ظلم تي دانهون ڪيون ته سندس جماعت سان اختلاف ٿيا ۽ مجبورن هن جمعيت ڇڏي سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪري سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي اڄ اسان ان عظيم هستي جو جنم ڏهاڙو ملهائي خوشي محسوس ڪري رهيا آھيون. سينئر صحافي سنڌيار اخبار جي سرواڻ اعجاز مهر چيو ته مونکي اعزاز حاصل آھي ته مان پهريون سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر هئس ۽ باغي مهر جي نالي سان ڪم ڪندو هئس پوءِ صحافت ۾ اچڻ بعد سياست ڇڏي. پر مولانا سان ذاتي تعلق رهيو. هن چيو ته سنڌ ساگر پارٽي ۽ عزيز الله ٻوهيو اسان جي شعور جي آبياري ڪئي. سينئر صحافي شاڪر سولنگي چيو ته عالم ۽ علم وارا هيءُ جهان ڇڏي ته ويندا آھن پر سندن ڇڏيل علمي خزانو اسان جي ايندڙ نسلن جي تربيت ڪندو آھي. کيتراني ڪتاب ڪي پي ڪي جي مصنف عزيز الله ٻوهيو جي ساٿي حافظ سعيد احمد سعود چيو ته عزيزالله ٻوهيو پاڪستان اندر مظوم قومن کي حق ڏيارڻ واري ڳالهه ڪندو هو ۽ مظلوم قومن جو آواز بلند ڪندڙ هر اتحاد جو حصو رهيو ۽ هر وقت ظلم ۽ بربريت خلاف جدوجهد ڪئي مظوم عوام لاء ڪيل جدوجهد اسان جي دلين ۾ زنده آھي۔ عزيز الله ٻوهيو جي فرزند ارشد ٻوهيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عزيزالله ٻوهيو سنڌ اندر وڌندڙ مذھبي انتها پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي 76 سالن جي ڄمار ۾ به خاموش نه ويٺو ۽ جڏھن بدين ۾ مذهبي انتها پسندن ڀوري ڀيل جي لاش کي قبرستان مان ڪڍي سندس تذليل ڪئي ته بابا کي تمام گهڻو ڏک ٿيو۔ ان وقت بابا پنهنجي ويجهن دوستن کي وصيعت ڪئي ته کيس مٽياري ڀرسان باءِ پاس تي قائم ڀيلن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي ڇو ته الله ۽ ان جي رسول صلعم انسانن ۾ فرق ناهي ڪيو ته هتي مذھب جي نالي تي انسانن جي تذليل ڇو ٿي ڪئي وڃي ان ڪري کيس ڀيلن سان يڪجهتي ڪرڻ جي ڪري اتي دفن ڪيو وڃي۔ هن چيو ته بابا سائين پنهنجي گهرڀاتين۔ مٽن مائٽن ۽ تنظيم جي ڪارڪنن سميت سنڌ جي هر ماڻهوء کي هڪ جهڙو مان ڏيندو هو بابا ٻي وصيعت ڪئي هئي ته سندس قبر کي مٽي سان ملايو وڃي اسان کين ڀيلن جي قبرستان ۾ دفنائي ته نه سگهياسين پر ان جي ٻي وصيعت تي عمل ڪري سندن قبر مٽي جي برابر ڪري ڪو نشان ناهي ڇڏيو۔ سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ احمد علي شيخ چيو ته سنڌ وطن جي مالڪي لاء جهر جهنگ لتاڙي قومي تبليغ ڪندڙ مولانا عزيزالله ٻوهيو آخري پساهن تائين سنڌ سان وفا جو جهنڊو بلند رکيو۔سندس زندگي جو هڪ هڪ پل مظلوم قومن جي امانت هيو هن پنهنجي سياسي پورهئي سان سنڌ ۽ پوري ملڪ ۾ ھڪ وڏي کيپ تيار ڪئي جيڪا اڄ تائين سنڌ جي جدوجهد ۾ پهرين صف ۾ بيٺل دستي جو ڪردار ادا پئي ڪري۔

ان موقعي تي ممتاز چنڙ ۽ ٻين عزيز الله ٻوهيو جي شخصيت تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا جڏهن ته هن سالگرهه تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ ساٿين ۽ گهڻگهرن شرڪت ڪئي۔واضح رهي ته عزيز الله ٻوھيو نوشھروفيروز کان 6 ڪلو ميٽر ٻاهر ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ استاد عبدالرئوف ٻوھيو جي گھر ۾ 14 مارچ 1946 ۾ جنم ورتو بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۽ مدرسي مان حاصل ڪئي۔ عزيزالله ٻوهيو کي سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ تان وقت جي آمرن سزائون ڏئي جيل موڪليو پر هن آڻ نه مڃي ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪيو سموري سنڌ ۾ سوين ڪارڪن پيدا ڪيا۔ هي مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ ٺهندڙ ڪيترن ئي اتحادن جو حصو رهيو ۽ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ سوين ڪتاب سياسي مذهبي ڇپرايا۔ هو 75 سالن جي ڄمار ۾ 2 نومبر تي سيوهڻ جي دل واري اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ سنڌ ۾ سوين پيدا ڪيل سياسي ڪارڪن سوڳوار ڇڏي ويو جيڪي هن وقت به سندن ڏسيل فلسفي تي عمل پيرا آھن۔*** نوشھروفيروز مان منظور ملڪ مطابق سنڌ ساگر پارٽي جي باني چيئرمين عزيز الله ٻوهيو جي 76هين سالگره تقريب سنڌ ساگر پارٽي پاران پريس ڪلب نوشھروفيروز ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ استاد گلبهار مري جي صدارت ۾ ملهائي وئي۔ سالگره جي تقريب کي خطاب ڪندي گلبهار مري۔ ساگر يوسف منگي۔ يونس راڄپر۔ خادم حسين مري۔ قاسم اسراڻ۔ مشتاق مري۔ امجد ميمڻ۔ خادم سيال۔ شاهد چنه۔ سرمد سيال۔ شيراز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته عزيزالله ٻوهيو سنڌ جو سچو سپوت هو جنهن جي زندگي سنڌ جي آجپي لاء گذري۔

هو هڪ سادو نفيس ۽ ماروئڙن جو درد رکندڙ انسان هو۔ هو اسان ۾ اڄ موجود ناهي پر سندس ڏنل فڪر ۽ فهم اڄ به اسان ۾ موجود آھي۔ هنن چيو ته دنيا ۾ اچڻ وڃڻ خدائي نظام آھي پر اهي ماڻھو مور نه مرندا آھن جن جو سوچ ۽ فڪر ڌرتي ۽ ڌرتيء جا ماروئڙا هوندا آھن ۽ سندن فڪر دنيا جي مظلوم قومن لاء هوندو آھي۔ عزيزالله ٻوهيو جو سوچ۔ فڪر۔ فهم اول ۽ آخر سنڌ ئي هئي ۽ ساه جي آخري گهڙين تائين هن جيجل ماء جو حق ادا ڪيو۔ اڄ اسان کيس ياد ڪري پنهنجو فرض نڀايو آھي۔ ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو۔ تقريب ۾ علي نواز نازسولنگي۔ ساگر سهيل منگي۔ سهيل احمد راڄپر۔ سيد اظفر شاه۔ حسنين چنه۔ ثقلين اسراڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ***ميهڙ پريس ڪلب ۾ به سنڌ ساگر پارٽي جي اڳوڻي چيئرمين عبيد الاهي فڪر جي پوئلڳ مولانا عزيزالله ٻوهيو جي 76 هين سالگره سنڌ ساگر پارٽي ضلع دادو جي آرگنائيزر فقير سڪندرعلي کوسو ۽ ٻين پاران ملهائي وئي. تقريب جي صدارت مولانا عزيزالله ٻوهيو جي همعصر علامه سڪندر علي ٻرڙو ڪئي ۽ خاص مهمان سنڌ ساگر پارٽي ضلع دادو جي آرگنائيزر فقير سڪندر علي کوسو هئا! پروگرام ۾ علامه نثاراحمد مگسي ،حبيب حضوري، ايڊووڪيٽ ميرخان چانڊيو، پلس ٽي وي نيوز جي سي او علي رضا جانوري، صحافي عاشق علي کوسو ، ش ڀ اڳواڻ احمد علي عطار، هدايت الله کوسو، منظور علي ڪٽپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي!

مولانا عزيزالله ٻوهيو جي سالگره تقريب کي خطاب ڪندي مقررين علامه سڪندرعلي ٻرڙو ، فقير سڪندرعلي کوسو، مولانا نثاراحمد مگسي ،سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي باني الاهي بخش چانڊيو،ايڊووڪيٽ ميرخان چانڊيو چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيو سنڌ ساگر پارٽي جي منشور جي سڄي زندگي پرچار ڪئي ۽ عبيد الله سنڌي جي فڪر جي پرچار ڪئي ! هنن چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيو سنڌ پرست عالم هو سنڌي قوم جو محسن ۽ وفادارقومي اڳواڻ هو! جنهن پنهنجون سڀني صلاحيتون ۽ علمي لياقتون سنڌ کي ارپي ڇڏيون ! اسان مولانا عزيزالله ٻوهيو جي ڪيل علمي ادبي سياسي سماجي خدمتن جو اعتراف ڪندي سلام پيش ڪيون ٿا ! ان موقعي تي مولانا عزيزالله ٻوهيوجي 76هين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ! سالگره جي موقعي تي قومي مشاعرو به ٿيو جنهن ۾ صوفي سينگار علي چانڊيو، علي رضا جانوري، حبيب حضوري ۽ ٻين نڪور شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو!










