موسيقي جي مخالفت ڇو؟

ليکڪ خاصخيلي لطيف راولاڻي
موسيقي جي تاريخ ايتري پراڻي جيتري دنيا جي تاريخ جڏھن کان ڌرتي تي انسان جو وجود آيو آھي ۽ سائنس جي ترقي ڦيٿو ايجاد ڪيو ته ان دور کان ئي مختلف طريقن سان موسيقي کي به وجود ۾ آندو ويوجيڪا پٿر جي دور کان ٿيندي ھن دور تائين پھتي آھي ۔ٻار جڏھن پيداٿيندو آھي ته روئندو آھي ان کي به سمھارڻ جي لاء لولي ڏني ويندي آھي جيڪا پڻ سر ۾ موسيقي جي طرز تي ڏني ويندي آھي ۔موسيقي ته انسان جي روح ۾ سمايل ھوندي آھي ان ڪري ان کي روح جي راحت ۽ روح جي غذا پڻ چيو ويندو آھي ۔غمگين ڏکايل انسان به پنھنجي ڏکن سورن کي ختم ڪرڻ لاء موسيقي جو سھارو وٺندو آھي ۔پراڻا نغما ۽ غزل ٻڌي ڪري سڪون حاصل ڪندو آھي ۔اھائي موسيقي ھوندي آھي جيڪا مئل ماڻھو ۾ ساه به وجھي ڇڏيندي آھي ۔شاعر به شاعري ڪندو آھي ته اھا به موسيقي ئي ھوندي آھي جيڪا شاعر جي ترجماني ڪندي آھي ۽ انھن لفظن کي شاعري جو روپ ڏيئي ڪري موسيقي ڏانھن مائل ڪندي آھي ۔اسان جي سنڌ جي تاريخ به ٻڌائي ٿي ته موسيقي به موئن جي دڙي وانگي پنج ھزار سال پراڻي آھي ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت موئن جي دڙي جي ناچڻي آھي جيڪا کوٽائي دوران ظاھر ڪئي وئي ته ان دور ۾ به موسيقي جو رواج ھو ۔جيڪا پوء مختلف دورن جي مختلف مرحلن مان گذرندي اڄوڪي جديد دور ۾ داخل ٿي آھي ۔راڳ به موسيقي جو عنصر آھي ۔اھو راڳ جو تان سين ڳائيندو ھو ته پاڻي ۾ باه لڳي ويندي ھئي ۔اھو راڳ جڏھن ڪنور ڀڳت ڳائيندو ھو ته ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويندا ھئا۔۽ ان جو راڳ ٻڌڻ لاء پري پري کان ماڻھو ڪھي ايندا ھئا۔ اھو راڳ جھن جنھن راء ڏياچ جو ڪنڌ ڪپايو ۽ سورٺ جيئري ئي باه جي حوالي ٿي وئي ۔تاريخ ۾ موسيقي جي حوالي سان سوين واقعا درج آھن ۔جنھن جو ھتي ذڪر نٿوڪري سگھجي ان لاء ڌار مقالو يا ڪتاب ئي لکي سگھجي ٿو ۔مختصر اھو ته اڄوڪي دور ۾ موسيقي جي مخالفت ڇو؟ اھي ڪھڙا ڪارڻ آھن جو موسيقي جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ۔خود اسلامي پاڪ ڪتاب جي سوره اعراب ۾ موسيقي جو ذڪر آھي ۔موسيقي حرام نه آھي ۔عربن ۾ موسيقي جو رواج اسلام کان اڳ به موجود ھو ۽ اسلام کان پوء به موسيقي موجود آھي ھاڻي ته مسجدن ۾ نعتون موسيقي جي طرز تي پڙھيون وڃن ٿيون ۔ٻه لفظ ته ھر جملي ۾ موجود ھوندا آھن جن جون معنى به ڌار ھوندي آھي پر اسان وٽ معاشري ۾ ٻنھي لفظن کي ملائي ڪري پڙھيو وڃي ٿو ۽ ان جي معنى به ساڳئي اختيار ڪئي ويندي آھي جڏھن ته ڏٺو۽ سمجھيو وڃي ته ھي ٻه لفظ آھن ۽ انھن جي معني به الڳ آھي ۔ان طرح لفظ رقص و موسيقي به استعال ٿيندو آھي ان جون مختلف شڪليون آھن رقص الڳ آھي ته موسيقي الڳ آھي ۔رقص جنھن کي ڊانس به چيو ويندو آھي ۔اھو موسيقي جو ڌار حصو آھي ۔ضروري ناھي جتي موسيقي ھجي ته اتي رقص به ھجي ۔پر ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته صوفي ازم ۾ رقص کي به جائز قرار ڏنو ويو آھي جنھن کي سچل تمام گھڻو ڳايو آھي ۔جيڪي وجدان ۾ اچي ڪري مي رقصم ٿي ويندا آھن ۔پر موجوده رقص ۽ ڊانس جي مخالفت ڪري سگھجي ٿي جيڪا اخلاق ۽ قانون جي دائري کان ٻاھر ھجي ۔کلي عام وار کولي درگاھن تي ڌمال ڪئي وڃي ٿي ۔۽ محفلن ۾ رقص جون محفلون سجايون وڃن ٿيون ان جي مخالفت ڪئي وڃي ان سان سڌريل معاشرو بگڙجي ويندو آھي ۽ پوء مھذب ۽ غير مھذب جو فرق مٽجي ويندو آھي اھڙي موسيقي کن پاسو ڪيووڃي ۔جئين سنڌي ۾ مشھور پھاڪو آھي اھڙو سون گھوريو جيڪو ڪن ڇني سو ساڳئي ريت اھڙي موسيقي ۽ شاعري کان به پاسو ڪيو وڃي جيڪا قومن جي بيراه روي ۽ تباھي جو باعث بڻجي ۔اھڙي موسيقي جي مخالفت ڪئي وڃي ۔شاه لطيف به پنھنجي شاعري ۾ فرمائي ٿو۔رڳون ٿيون رباب وڃڻ ويل سڀ ڪنھن ۔لڇڻ ڪڇڻ ڪين ٿيو جانب ري جواب۔۔سوئي سندم سپرين ڪيس جنھن ڪباب ۔۔سوئي عين عذاب سوئي راحت روح جي latifravlani@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو