موجوده سياسي صورتحال ۾ ياسر نواز پاڪستاني عوام تي طنز

موجوده سياسي صورتحال ۾ ياسر نواز پاڪستاني عوام تي طنز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز به ملڪ جي موجوده صورتحال تي تبصرو ڪيو آهي. ملڪي سياست ۾ گرميءَ جي موقعي تي شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل شخصيتون وزيراعظم عمران خان جي حمايت ۾ نڪري آيون.انهن شخصيتن ۾ اداڪارا زارا نور عباس، عاصم اظهر، منيب بٽ، هارون شاهد، شان شاهد، ثمينه پيرزاده ۽ سائره يوسف سميت ٻيا شامل آهن. هاڻي ياسر نواز ٻين اداڪارن جي نقش قدم تي هلڻ بدران پاڪستاني عوام کي پيغام ڏنو آهي. هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ماڻهن جو مذاق اڏائيندي لکيو ته ”پاڻ ايماندار نه ٿيو، توهان چاهيو ٿا ته وزيراعظم ايماندار هجي“.

پهنجو تبصرو موڪليو